Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 11:8 - Sindhi Bible

8 اي افرائيم، آءٌ توکي ڪيئن ڇڏي ڏيان؟ اي اسرائيل، ڪيئن آءٌ توکي ڏيئي ڇڏيان؟ ڪيئن توکي ادمہ جهڙو ڪريان؟ ڪيئن توکي ضبويم جهڙو بنايان؟ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ وٽ ٿي کائي، منهنجون رحمتون ظاهر ٿيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 11:8
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سدوم جو بادشاهہ، ۽ عمورہ جو بادشاهہ، ۽ ادمہ جو بادشاهہ، ۽ ضبوئيم جو بادشاهہ، ۽ بالع، يعني ضغر جو بادشاهہ، سي هن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪتا.


۽ جڏهن ملائڪ يروشلم کي چٽ ڪرڻ لاءِ اُن ڏي پنهنجو هٿ ڊگهيريو، تڏهن خداوند انهيءَ خرابيءَ کان پنهنجو ارادو بدلايو، ۽ جنهن ملائڪ ماڻهن کي چٽ پئي ڪيو، تنهن کي چيائين تہ هاڻي بس؛ هاڻي پنهنجو هٿ جهل. ۽ خداوند جو ملائڪ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ جي پاسي ۾ هو.


تڏهن جنهن زال جو اهو جيئرو ٻار هو تنهن جي آنڊن ٻار لاءِ ڇڪي کاڌي، ۽ انهيءَ بادشاهہ کي چيو تہ اي منهنجا ڌڻي، اهو جيئرو ٻار هن کي ڏيئي ڇڏيو، ۽ ڪنهن بہ طرح انهيءَ کي قتل نہ ڪريو. پر ٻيءَ چيو تہ ڀلي اهو نہ منهنجو ٿئي نہ تنهنجو؛ انهيءَ کي وڍي ٻہ ٽڪر ڪريو.


پر خداوند هنن تي مهربان هو ۽ مٿن رحم ڪيائين، ۽ سندن لحاظ رکيائين، جو ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب سان عهد اقرار ڪيو هئائين، ۽ هنن کي چٽ ڪرڻ نٿي گهريائين ۽ نہ اڃا تائين هنن کي پنهنجي حضور مان پاسي ڪري ڇڏيائين.


۽ خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا پنهنجن پيغمبرن جي معرفت بروقت پيغام موڪليا؛ ڇالاءِ جو هن کي پنهنجي قوم تي، ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ تي رحم آيو:


۽ انهن جي لاءِ پنهنجي عهد کي ياد ڪيائين. ۽ پنهنجي بيحد رحم جي ڪري پنهنجو ارادو ڦيرايائين.


تنهن ڪري منهنجا آنڊا موآب جي لاءِ بربط وانگي آواز ڪندا، ۽ منهنجا اندريان عضوا قيرحارس لاءِ.


آسمان تان هيٺ نهار، ۽ پنهنجي پاڪ ۽ جلال واري مڪان مان ڏس، تنهنجا غيرت ۽ تنهنجا قدرت وارا ڪم ڪٿي آهن؟ تنهنجي آنڊن جي اُڪير ۽ تنهنجون رحمتون جي مون تي هيون سي روڪجي ويون آهن.


جي اها قوم، جنهن جي نسبت مون ڪي ڳالهايو هوندو، سا پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز ايندي، تہ پوءِ اُنهن کي جنهن خرابي پهچائڻ جو خيال ڪيو هوندم سا نہ پهچائيندس.


وڃ ۽ اهي ڳالهيون اُتر ڏانهن پڌريون ڪر، ۽ چئُہ تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ اي بي وفا اسرائيل موٽي اچ، آءٌ ڪاوڙ ۾ اوهان تي نظر نہ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ رحم وارو آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙ نہ ڌاريندس.


افرائيم منهنجو پيارو پٽ آهي ڇا؟ جيترا ڀيرا آءٌ هن جي برخلاف ٿو ڳالهايان، اوترا ڀيرا آءٌ هن کي زيادہ شوق سان ياد ٿو ڪريان: تنهن ڪري هن جي لاءِ منهنجن آنڊن کي سيڪ ٿو اچي؛ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ضرور هن تي رحم ڪندس.


جيڪڏهن اوهين هن زمين ۾ رهندا ايندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس ۽ ڊاهيندس ڪين، ۽ آءٌ اوهان کي پوکيندس ۽ پٽيندس ڪين: ڇالاءِ جو جيڪا خرابي مون اوهان سان ڪئي آهي تنهن کان آءٌ ڦريو آهيان.


تنهنجي رهڻ جي جاءِ ٺڳيءَ جي وچ ۾ آهي؛ خداوند ٿو فرمائي تہ ٺڳيءَ جي ڪري هو مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ٿا ڪن.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ انهن کي پگهاريندس ۽ آزمائيندس؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ جي سبب، ٻيو ڇا ڪريان؟


اي خداوند ڏس؛ ڇالاءِ جو آءٌ تڪليف ۾ آهيان؛ منهنجن آنڊن ۾ وٽ ٿا پون؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڦري ويئي آهي؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍي بغاوت ڪئي آهي: ٻاهر ترار ماڻهو کسي وٺي ٿي، ۽ اندر گهر ۾ موت جهڙو حال آهي.


ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو ڏک ڏيندو، تڏهن بہ پنهنجين رحمتن جي گهڻائيءَ کان هن کي ڪهل ايندي.


ڇالاءِ جو هو ڏک ڏيڻ پسند نٿو ڪري، ۽ نہ آدمزاد کي ڏکوئڻ چاهي ٿو.


انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ مون کي شرير جي موت سان ڪا خوشي حاصل نٿي ٿئي؛ پر هن ڳالهہ مان ٿي ٿئي تہ اُهو شرير پنهنجي رستي کان ڦري ۽ جيئرو رهي: پنهنجن خراب رستن کان اوهين ڦرو، اوهين ڦرو؛ ڇالاءِ جو، اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين ڇو ٿا مرڻ گهرو؟


۽ جيڪي اوهان مان ڀڄي نڪرندا، سي جن قومن ۾ قيد ٿي کڄي ويندا، تن ۾ مون کي ياد ڪندا، تہ ڪيئن نہ مون سندن زناڪار دل، جا مون کان پري ٿي آهي، ۽ سندن اکيون، جي سندن بُتن جي پٺيان زناڪاري ڪنديون وتن، تن کي ڀڃي ڇڏيو آهي: ۽ جيڪي خرابيون هنن پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سان ڪيون آهن، تن جي ڪري هو خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي نفرتي ڄاڻندا.


اي افرائيم، آءٌ تو سان ڇا ڪريان؟ اي يهوداہ، آءٌ تو سان ڇا ڪريان؟ ڇالاءِ جو تنهنجي چڱائي صبح جي ڪڪر جهڙي آهي، ۽ انهي ماڪ وانگر جا سويل ئي گم ٿي وڃي ٿي.


جڏهن مون اسرائيل کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن افرائيم جي بدڪاري، ۽ سامريہ جي شرارت ظاهر ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ٺڳيءَ جا ڪم ڪيا آهن: چور اندر لنگهيو اچي، ۽ چورن جي ٽولي ٻاهر پئي ڦري.


مون اوهان مان ڪن کي اونڌو ڪري ڪيرايو آهي، جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عمورہ کي ڪيرايو، ۽ اوهين ٻرندڙ باهہ مان اُماڙي وانگي ڇڪي ڪڍيا ويا آهيو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


تڏهن خداوند هن جي نسبت ۾ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين نہ ٿيندو.


خداوند انهيءَ جي نسبت ۾ بہ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين بہ ڪين ٿيندو.


تنهنڪري هو انهن کي تيستائين ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ جنهن کي سور ٿيا آهن سا ڪجهہ ڄڻي: جڏهن سندس ڀائرن مان جيڪي باقي بچيل آهن سي بني اسرائيل سان گڏ موٽي ايندا.


تنهنڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ موآب ضرور سدوم جهڙو ٿيندو ۽ بني عمون عمورہ جهڙو؛ يعني ڪنڊن جي جاءِ، ڪلر ۽ مدامي ويراني ٿيندو: منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو انهن کي ڦُريندا لُٽيندا، ۽ منهنجي اُمت جا باقي رهيل ماڻهو انهن جا وارث ٿيندا.


اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، تن کي سنگسار ٿو ڪرين ۽ جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن ڪيترا نہ ڀيرا مون تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!


۽ ايندڙ پيڙهين ۾، اوهان کان پوءِ جيڪو اوهان جو اولاد ٿيندو، ۽ ڌاريا ماڻهو جي ڪنهن ڏورانهين ملڪ کان ايندا، سي جڏهن انهي ملڪ جون آفتون ۽ خداوند جون موڪليل بيماريون ڏسندا،


۽ هي بہ ڏسندا تہ انهي جي ساري زمين کي گندرف، ۽ شورو لڳو پيو آهي، ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي، جو منجهس نڪا پوک ٿي ٿئي، نڪا پيداوار ٿي ٿئي، نڪو گاهہ ٿو اُڀري: اهو ملڪ سدوم، ۽ عمورہ، ۽ ادمہ، ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جنهن کي خداوند پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ نابود ڪري ڇڏيو:


ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت جو انصاف ڪندو، ۽ پنهنجن ٻانهن تي قياس ڪندو؛ جڏهن هو ڏسندو تہ سندن زور هليو ويو آهي، ۽ منجهن نڪو قيدي نڪو آزاد بچيو آهي.


۽ سدوم ۽ عموراہ جي شهرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيائين، تان تہ اڳتي بي دينن جي لاءِ عبرت جو مثال ٿين؛


جهڙيءَ طرح ڪ سدوم ۽ عموراہ ۽ اُنهن جي آس پاس وارا شهر، جي انهن وانگر زناڪاريءَ ۽ لونڊي بازيءَ جي پٺيان پيا، سي هميشہ جي باهہ جي سزا پيا سهن، تہ ٻين جي عبرت لاءِ هڪڙو مثال ٿين.


۽ سندن لاشا انهي وڏي شهر جي رستن ۾ پيا هوندا، جنهن کي روحاني طرح سدوم ۽ مصر ٿا سڏين؛ جتي سندن خداوند بہ صليب تي چاڙهيو ويو هو.


۽ هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسي چوندا تہ هن وڏي شهر جهڙو ٻيو ڪهڙو شهر آهي؟


۽ هنن پاڻ وٽان ڌاريا معبود ڪڍي ڇڏيا، ۽ خداوند جي عبادت ڪرڻ لڳا: ۽ اسرائيل جي بري حال ڪري هن جي دل ڏکڻ لڳي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ