Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 11:5 - Sindhi Bible

5 هو موٽي مصر جي ملڪ ۾ نہ ويندو؛ پر اسوري هن جو بادشاهہ ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن موٽڻ کان انڪار ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هاڻي هو وري مصر ملڪ ڏانهن موٽايا ويندا، بلڪ اشور وارا مٿن حڪمراني ڪندا، ڇاڪاڻ تہ هنن مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 11:5
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسور جو بادشاهہ پول ملڪ تي ڪاهي آيو؛ ۽ مناحم پول کي هڪ هزار چانديءَ جا قنطار ڏنا تہ سندس هٿن ۾ بادشاهي قائم ڪرڻ ۾ کيس مدد ڏئي.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


هو اسور جي بادشاهہ يارب وٽ نذراني طور پيش ڪيا ويندا: افرائيم کي خواري حاصل ٿيندي، ۽ اسرائيل خود پنهنجي صلاح مصلحت کان شرمندو ٿيندو.


جڏهن افرائيم پنهنجي بيماري ڏٺي، ۽ يهوداہ پنهنجو ڦٽ ڏٺو، تڏهن افرائيم اسور وٽ ويو، ۽ ياريب جي بادشاهہ کي قاصد موڪلي گهرايائين: پر هو اوهان کي شفا ڏيئي نٿو سگهي، نڪي هو اوهان جو ڦٽ ڇُٽائيندو.


اچو تہ خداوند وٽ موٽي هلون: ڇالاءِ جو هن ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪندو؛ هن ضرب رسائي آهي، ۽ هو ئي اسان کي پَٽي ٻَڌندو.


هو موٽن ٿا پر نہ انهي وٽ، جو مٿي آهي: هو هڪڙي ڪوڙي ڪمان وانگر آهن: هنن جا امير پنهنجي زبان جي جوش ڪري ترار سان ڪِرندا: اها هنن جي لاءِ مصر جي ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.


باقي منهنجي نذرانن جي قربانين لاءِ، هو گوشت قربان ڪري کائين ٿا؛ پر خداوند کين قبول نٿو ڪري: هاڻي هو سندن بدڪاري ياد ڪندو، ۽ گناهن جي سزا ڏيندو؛ هو مصر ۾ موٽي ويندا.


هو خداوند جي ملڪ ۾ نہ رهندا، پر افرائيم موٽي مصر ۾ ويندو، ۽ هو اسور ۾ ناپاڪ کاڌو کائيندا.


ڇالاءِ جو ڏسو، هو تباهيءَ جي ڊپ کان پري ويا آهن، تڏهن بہ مصر هنن کي گڏ ڪندو، موف هنن کي دفن ڪندو: هنن جي چانديءَ جي مزي جهڙين شين کي ڪانڊيرا وٺي ويندا: هنن جي تنبن ۾ ڪنڊا اُڀرندا.


مون اوهان مان ڪن کي اونڌو ڪري ڪيرايو آهي، جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عمورہ کي ڪيرايو، ۽ اوهين ٻرندڙ باهہ مان اُماڙي وانگي ڇڪي ڪڍيا ويا آهيو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


پر مون اوهان کي اوهانجن سڀني شهرن ۾ ڏندن جي صفائي ڏني آهي، ۽ اوهانجن سڀني مڪانن ۾ مانيءَ جي گهٽتائي، انهيءَ هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خدا آهي، تہ آءٌ اوهان کي قيد ڪري دمشق جي پريان موڪليندس.


۽ هو پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا نہ رکي، نڪي پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا گڏ ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ انهي رستي موٽي نہ وڃجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ