Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 11:4 - Sindhi Bible

4 مون هنن کي انساني رشتي سان ۽ محبت جي ڏورين سان ڇڪيو؛ آءٌ هنن جي لاءِ اهڙو هوس، جهڙا اُهي جي سندن ڄاڙن تان پاڃاري لاهي ڇڏين ٿا، ۽ مون هنن جي اڳيان کاڌو رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 انساني رشتن ۽ محبت جي ڏورين سان مون انهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو. مون هنن سان اهڙو پيار ڪيو، جيئن ڪو ننڍي ٻار کي ڳل سان لائيندو هجي. آءٌ انهن ڏانهن جھڪي سندن کاڌي پيتي جو خيال رکندو رهيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 11:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس، ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو: جيڪڏهن هو ڪو ڏوهہ ڪندو تہ آءٌ هن کي ماڻهن جي لڪڻ سان، ۽ ماڻهن جي چهبڪن سان سيکت ڏيندس؛


انهن کاڌو گهريو تہ ٻٽيرا موڪليائين، ۽ کين آسمان جي مانيءَ سان ڍءُ ڪرايائين.


۽ موسيٰ چيو تہ خداوند هي حڪم ڏنو آهي، تہ انهيءَ مان هڪڙو عومر ڀري پنهنجين پيڙهين جي لاءِ رکي ڇڏيو، تہ ڀلي هو ڏسن تہ جڏهن مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تڏهن بيابان ۾ مون اوهان کي اها ماني کارائي.


مون کي ڇڪي وٺ، اسين تنهنجي پٺيان ڊوڙنديونسين: بادشاهہ مون کي پنهنجن ڪوٺين ۾ وٺي آيو آهي: اسين خوش ٿينديونسين ۽ تنهنجي ڪري خوشيون ڪنديونسين، اسين شراب کان وڌيڪ تنهنجي محبت جو ذڪر ڪنديونسين: هو سچيءَ دل سان تنهنجيون عاشق آهن.


هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو.


ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ هئي تہ مون هن کي اَن ۽ شراب، ۽ تيل ڏنو، ۽ چاندي ۽ سون وڌايومانس، جو هنن بعل جي لاءِ ڪم ٿي آندو.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهي لاءِ تہ اوهين هنن جا غلام نہ ٿيو؛ ۽ مون اوهان جي پاڃاريءَ جا گز ڀڃي ڇڏيا آهن، ۽ اوهان کي سنئون هلايو اٿم.


۽ جيڪڏهن آئون زمين کان مٿي چاڙهيو ويندس، تہ سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندس.


ڇالاءِ جو مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، هن ڪري جو اسين ائين ٿا سمجهون، تہ جي هڪڙو سڀني لاءِ مُئو تہ سڀ مري ويا؛


خداوند ئي انهي جي رهبري ڪئي، ۽ هن سان ٻيو ڪوبہ معبود ڪونہ هو.


هن انهن کي ڳئن جو مکڻ، ۽ رڍن جو کير، ۽ گهيٽن جي چرٻي، ۽ بسن جي نسل جا گهٽا، ۽ ٻڪر، ڪڻڪ جي اٽي سميت ڏنا؛ تو انگور جي رس جو شراب پيتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ