Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 11:12 - Sindhi Bible

12 افرائيم ڪوڙ سان مون کي گهيري ويو آهي، ۽ اسرائيل جو گهراڻو ٺڳيءَ سان: پر يهوداہ اڃا بہ خدا سان حڪمران آهي، ۽ پاڪ خدا سان سچو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن مون سان هر طرف کان ڪوڙ ۽ ٺڳي ڪئي آهي، ۽ يهوداہ وارن بہ مون سچي ۽ پاڪ خدا کي ڇڏي ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 11:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پهرينءَ جو نالو فيسون آهي: جا حويلا جي ساري زمين کي گهيري ٿي، جتان سون نڪرندو آهي:


۽ هن چيو تہ اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ، پر اسرائيل سڏبو؛ ڇالاءِ جو تو خدا ۽ ماڻهن سان زور آزمائي ڪئي آهي، ۽ غالب پيو آهين.


پر اُنهن پنهنجي وات سان هن جي خوشامد ڪئي، ۽ پنهنجيءَ زبان سان هن جي اڳيان ڪوڙ ڳالهايائون.


۽ خداوند فرمايو تہ هيءَ اُمت منهنجي ويجهو ٿي اچي، ۽ پنهنجي وات سان، ۽ پنهنجن چپن سان منهنجي تعظيم ٿي ڪري؛ پر پنهنجي دل مون کان پري ڪئي اٿس، ۽ منهنجو ڊپ رڳو ماڻهن جي حڪم ڪري اٿس، جو کين سيکاريو ويو آهي.


هو رک کائي ٿو: ٺڳيل دل هن کي اهڙو گمراهہ ڪيو آهي جو هو پنهنجو روح ڇڏائي نٿو سگهي، ۽ نڪي چوي ٿو تہ منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڪوڙ ناهي ڇا؟


اوهان شرارت جا هر ڏنا آهن، ۽ بدڪاري لڻي اٿوَ؛ اوهان ڪوڙ جو ڦر کاڌو آهي، ڇالاءِ جو توکي پنهنجي رستي تي، ۽ پنهنجن زور وارن ماڻهن جي گهڻائي تي ڀروسو هو.


افرائيم هوا تي گذران ٿو ڪري، ۽ اُڀرندي جي واءُ جي پٺيان ٿو وڃي: هو هميشہ ڪوڙ ۽ ظلم وڌائيندو وڃي: هو اسور سان عهد اقرار ڪري ٿو، ۽ تيل مصر ۾ پهچايو ٿو وڃي.


هو هڪڙو سوداگر آهي، ۽ ٺڳيءَ جي ساهمي سندس هٿ ۾ آهي: هن کي ظلم ڪرڻ پسند آهي.


جيتوڻيڪ، اي اسرائيل تون ڪڃري ٿي گذاريندينءَ، تہ بہ يهوداہ ڏوهاري نہ ٿئي؛ ۽ اوهين جلجال ۾ نہ اچجو، نڪي بيت اون ڏانهن چڙهي وڃجو، نڪي چئجو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي.


ڪوڙو قسم کڻڻ، ۽ انجام ڀڃڻ، ۽ خون ڪرڻ، ۽ زنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي؛ هو پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، ۽ رت رت کي ٿو لڳي.


هو موٽن ٿا پر نہ انهي وٽ، جو مٿي آهي: هو هڪڙي ڪوڙي ڪمان وانگر آهن: هنن جا امير پنهنجي زبان جي جوش ڪري ترار سان ڪِرندا: اها هنن جي لاءِ مصر جي ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.


هو پنهنجي شرارت سان بادشاهہ کي خوش ٿا ڪن ۽ سردارن کي پنهنجن ڪوڙن سان.


اُن جا دولتمند ماڻهو ظلم سان ڀريل آهن، ان جي رهاڪن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ انهن جي زبان سندن وات ۾ دغاباز آهي.


يا ايترو نٿا ڄاڻو ڇا تہ پاڪ ٿيل دنيا جو انصاف ڪندا؟ ۽ جي دنيا جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ ننڍڙن معاملن جي فيصل ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟


۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


۽ انهن کي اسان جي خدا جي لاءِ هڪڙي بادشاهت ۽ ڪاهن ڪيو اٿيئي؛ ۽ اُهي زمين تي بادشاهي ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ