Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 11:11 - Sindhi Bible

11 اُهي اهڙيءَ طرح ڏڪندا ايندا، جهڙيءَ طرح ڪو پکي مصر مان اچي، ۽ ڪو ڪبوتر اسور جي ملڪ مان اچي: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ هنن کي سندن گهرن ۾ رهائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اهي مصر مان بہ ائين ڊوڙندا ايندا، جيئن پکي اڏامندا ايندا آهن، هائو، اهي اشور ملڪ مان پڻ پنهنجن گھرن ڏانهن ائين ايندا، جيئن ڪبوتر پنهنجن کُڏن ڏانهن ايندا آهن، پوءِ آءٌ کين سندن گھرن ۾ وري آباد ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 11:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.


هي ڪير آهن جي بادلن وانگر، ۽ جيئن ڪبوتر پنهنجين درين ڏانهن اُڏامن، تيئن اُڏامندا ٿا اچن؟


۽ هو ايندا ۽ صيون جي چوٽيءَ تي ڳائيندا، ۽ گڏجي خداوند جي چڱائيءَ ڏي اُٿي هلندا، يعني اناج ڏي ۽ مئي ڏي، ۽ تيل ڏي، ۽ ڌڻ ڏي، ۽ ڌڻ ۽ گلي جي ٻچن ڏي: ۽ هنن جو روح پاڻي ڏنل باغ جهڙو ٿيندو، ۽ هو وري ڪڏهن بہ ڏک نہ ڪندا،


۽ ميدان جا وڻ پنهنجو ڦر ڏيندا، ۽ زمين پنهنجي اُپت پيدا ڪندي، ۽ هو پنهنجي ملڪ ۾ صحيح سلامت رهندا؛ ۽ تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ هنن جي پاڃاريءَ جا گز ڀڃي ڇڏيندس، ۽ جيڪي هنن کان خدمت چاڪري وٺندا هئا تن جي هٿان هنن کي ڇڏائيندس.


۽ هو اڳتي وري غير قومن جو شڪار نہ ٿيندا، ۽ نہ زمين جا جانور انهن کي ڳهي ويندا؛ پر هو سلامتيءَ سان رهندا ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو.


۽ انهن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بني اسرائيل کي انهن قومن مان ڪڍي وٺندس جن ۾ هو وڃي پيا آهن، ۽ هر طرف هنن کي گڏ ڪندس، ۽ کين سندن ملڪ ۾ آڻيندس:


۽ جيڪا زمين مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا رهندا هئا، تنهن ۾ هو رهندا؛ ۽ انهي ۾ هو ۽ سندن اولاد، ۽ سندن اولاد جو اولاد هميشہ لاءِ رهندو: ۽ منهنجو ٻانهو دائود هميشہ لاءِ هنن جو بادشاهہ ٿيندو.


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


افرائيم هڪڙي بيوَقوف ڪبوتر وانگر بي سمجهہ آهي: هو مصر کي سڏين ٿا، ۽ اسور وٽ وڃن ٿا.


پر صيون جي جبل تي اُهي هوندا، جي ڀڄي نڪرندا، ۽ اُهو پاڪ ٿيندو، ۽ يعقوب جو گهراڻو پنهنجي ملڪيت جو مالڪ ٿيندو.


آءٌ کين مصر جي ملڪ مان موٽائي آڻيندس؛ ۽ اسور مان گڏ ڪندس؛ ۽ جلعاد ۽ لبنان جي سرزمين تي پهچائيندس؛ ايترو جو رهڻ لاءِ جاءِ ڪانہ هوندي.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ پنهنجي قوم کي اُڀرندي ۽ اُلهندي جي ملڪن کان بچائيندس:


۽ آءٌ انهن کي موٽائي آڻيندس، ۽ هو وري يروشلم ۾ رهندا؛ ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ سچائيءَ ۽ صداقت سان سندن خدا ٿيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ