Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 10:4 - Sindhi Bible

4 هو اجايون ڳالهيون ٿا ڪن، انجامن ڪرڻ مهل هو ڪوڙا قسم ٿا کڻن: تنهنڪري ٻنيءَ جي کيڙين ۾ ڪَڙي ٻوٽي وانگي سزا ڦٽي نڪرندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اسان جا اهي بادشاهہ اجايون ڳالهيون ڪندا هئا، عهد اقرار ڪرڻ وقت ڪوڙا قسم کڻندا هئا، ۽ سندن عدالتون غلط فيصلا ڏينديون هيون. اهي فيصلا اسان لاءِ ائين ٿيندا رهيا، جيئن زمين مان نڪرندڙ زهريلا ٻوٽا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 10:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو ڊاک جو منهہ اسرائيل جو گهراڻو آهي، ۽ يهوداهہ جا ماڻهو انهيءَ جا وڻندڙ ٻوٽا آهن: ۽ هن انصاف جي اُميد رکي، پر ڏس ظلم؛ سچائيءَ جي اميد رکي، پر ڏس دانهن.


ڪوڙو قسم کڻڻ، ۽ انجام ڀڃڻ، ۽ خون ڪرڻ، ۽ زنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي؛ هو پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، ۽ رت رت کي ٿو لڳي.


پر هنن آدم وانگر عهد اقرار ڀڳو آهي: اُتي هنن منهنجي برخلاف دغابازي ڪئي آهي.


اوهين جي عدالت کي ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ٿا ڇڏيو، ۽ سچائيءَ کي زمين تي اُڇلائي ٿا ڇڏيو؛


گهوڙا ٽڪر تي ڊوڙندا ڇا؟ اُتي ڪو ڍڳن سان هر ڪاهي سگهبو ڇا؟ اوهان عدالت ڦيرائي زهر ڪري ڇڏي آهي، ۽ سچائيءَ جو ميوو ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ڇڏيو.


ڇو جو مون کي ڏسڻ ۾ ٿو اچي تہ تون ساڙ سان سڙيل ۽ بدڪاريءَ جي بندَ ۾ اچي پيو آهين.


بي سمجهہ، واعدي شڪن، طبعي محبت کان خالي، ۽ بيرحم ٿي پيا:


سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، يا زال، يا خاندان، يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي، ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي عبادت ڪري؛ متان اوهان منجهہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جا پتي ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ڦل ڏئي؛


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ سمهي پوندين؛ ۽ ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ جي لاءِ وڃن ٿا، اُتي جي ڌارين معبودن جي پيروي ڪري زناڪاري ڪندا، ۽ مون کي ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ڪيو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


تڏهن انهي ڏينهن مون کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي ڏيندس، ۽ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ اهي کاڄ ٿي ويندا، ۽ گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون مٿن اينديون؛ جنهن ڪري انهي ڏينهن اهي چوندا، تہ هي خرابيون اسان تي انهي ڪري نہ آيون آهن ڇا جو اسان جو خدا اسان منجهہ ڪونهي.


طبعي محبت کان خالي، سنگدل، ڪوڙي تهمت آڻيندڙ، بدپرهيز، وحشي، نيڪيءَ جا دشمن،


خبرداريءَ سان نظر ڪندا رهو، تہ ڪوبہ ماڻهو خدا جي فضل کان محروم نہ رهجي وڃي؛ متان ڪا ڪَڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي، ۽ انهي جي ڪري گهڻا ناپاڪ ٿي پون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ