Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 10:1 - Sindhi Bible

1 اسرائيل هڪڙي گهاٽي ڊاک آهي، جا پنهنجو ڦر جهلي ٿي: پنهنجي ججهي ميوي موافق هن پنهنجون قربانگاهون بہ وڌايون آهن؛ پنهنجي زمين جي چڱائيءَ موافق هنن سهڻا ٿنڀ جوڙيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اسرائيل وارا اهڙي سرسبز انگوري ول جيان هئا، جنهن ۾ جھجھو ڦر لڳندو هو. پر جيئن جيئن سندن جھجھو ميوو پچندو ويو، تيئن تيئن هو گھڻي کان گھڻيون غير معبودن جون قربان‌گاهون اڏيندا ويا. جيتري سندن زمين ڦلدار هئي، اوترا ئي هنن سهڻا سهڻا ٿنڀن وارا بت جوڙيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 10:1
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هنن پنهنجي لاءِ مٿانهيون جايون، ۽ ٿنڀ، ۽ يسيرت، سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ بہ جوڙيا؛


ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن؛ ۽ جيتريون يروشلم جون گهٽيون آهن اوتريون اوهان انهيءَ شرم جهڙي شيءِ جي لاءِ قربانگاهون ٺاهيون آهن، يعني بعل جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي قربانگاهون.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، جنهن توکي زمين ۾ لڳايو، تنهن توتي خرابيءَ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ انهي جو سبب اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي اُها بڇڙائي آهي جا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل جي اڳيان لوبان ساڙي مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


پر جيڪي معبود تو پنهنجي لاءِ جوڙيا سي ڪٿي آهن؟ جي اُهي توکي تنهنجي مصيبت جي وقت بچائي سگهن تہ ڀلي اُٿن: ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن.


يقيناً جلعاد ۾ بدڪاري آهي: اُهي نسوري بيهودگي آهن؛ هو جلجال ۾ ڍڳا قرباني ٿا ڪن: هائو، هنن جون قربانگاهون اهڙيون آهن جهڙا ٻنين جي کيڙين ۾ ڍڳ.


۽ افرائيم چيو تہ يقيناً آءٌ دولتمند ٿيو آهيان، مون دولت لڌي آهي: منهنجن سڀني ڪمن ۾ هو مون ۾ ڪابہ بدڪاري ڪانہ لهندا جا گناهہ ٿي سگهي.


جيتوڻيڪ پنهنجن ڀائرن ۾ هو ڦر وارو ٿيندو، تہ بہ اُڀرندي جو واءُ ايندو، خداوند جو جهولو بيابان مان اُٿندو، ۽ هن جو چشمو سُڪي ويندو، ۽ هن جو حوض خشڪ ٿي ويندو: هو سڀني سهڻن ٿانوَن جي خزاني کي لٽي ويندو.


۽ هاڻي هو وڃن وڌيڪ گناهہ ڪندا، ۽ پنهنجي لاءِ چانديءَ جون پلٽيل مورتون ٿا جوڙين، يعني پنهنجي سمجهہ موافق بُت ٿا جوڙين، جي سڀ ڪاريگرن جا ڪم آهن: انهن بابت هو چون ٿا تہ جيڪي قربانيون چاڙهين ٿا، سي گابن کي چُمن.


هو پنهنجي چراگاهہ ۾ ڍاپجي ويا ۽ پيٽ ڀرجڻ ڪري هنن جي دل مغرور ٿي ويئي: ۽ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي.


هاڻي آءٌ سندس يارن جي اڳيان سندس شهوت پرستي ظاهر ڪندس، ۽ ڪوبہ هن کي منهنجي هٿان نہ ڇڏائيندو.


ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ هئي تہ مون هن کي اَن ۽ شراب، ۽ تيل ڏنو، ۽ چاندي ۽ سون وڌايومانس، جو هنن بعل جي لاءِ ڪم ٿي آندو.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل گهڻا ئي ڏينهن بادشاهہ کان سواءِ، ۽ حاڪم کانسواءِ، ۽ قربانيءَ کانسواءِ، ۽ کوڙيل ٿنڀ کانسواءِ، ۽ اُفود يا ترافيم کانسواءِ رهندا.


جيئن هو وڌندا ويا تيئن منهنجو گناهہ ڪندا ويا: آءٌ هنن جي عزت مٽائي خواري ڪندس.


ڇالاءِ جو افرائيم گناهہ لاءِ قربانگاهہ وڌايا آهن، قربانگاهہ هنن جي لاءِ گناهہ جو سبب ٿيا آهن.


هنن بادشاهہ مقرر ڪيا آهن، پر نہ منهنجي طرفان؛ هنن سردار بنايا آهن، ۽ مون کي انهي جي خبر ئي ڪانهي: هنن پنهنجي روپي، ۽ پنهنجي سون مان پنهنجي لاءِ بُت ٺاهيا آهن، انهي لاءِ تہ وڍجي وڃن.


اوهين پنهنجي لاءِ بت نہ جوڙجو، نڪي ڪا اُڪريل مورت يا ڪو ٿنڀ ٺاهجو، نڪي ڪو مورت وارو پهڻ پنهنجيءَ زمين ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ کڙو ڪجو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


ڇالاءِ جو خداوند يعقوب جي رونق کي اسرائيل جي رونق وانگر وري آڻيندو: ڇالاءِ جو خالي ڪرڻ وارن انهي کي خالي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هن جي ڊاک جي ٽارين کي چٽ ڪري ڇڏيو اٿن.


تنهنڪري هن کانپوءِ اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي جسماني طور نٿا سڃاڻون، جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور سڃاتو هو، پر هاڻي اسين هن کي ائين نٿا سڃاڻون.


هن ڪري جو سڀني کي پنهنجين ڳالهين جو فڪر آهي، نہ يسوع مسيح جي ڳالهين جو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ