Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 1:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي، ۽ ڌيءَ ڄڻيائين. ۽ خداوند هن کي چيو تہ انهي جو نالو لوروحامہ رک؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جي گهراڻي تي وري اڳتي اهڙو رحم نہ ڪندس جو ڪنهن بہ طرح انهن کي معافي ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جُمر وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس هڪ ڌيءَ ڄائي. تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو لورحامہ رک، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن تي اڳتي وري رحم نہ ڪندس، نڪي کين ڪنهن طرح معافي ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 1:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند اسرائيل جي ساري نسل کي رد ڪري ڇڏيو، ۽ انهن تي مصيبتون نازل ڪيائين، ۽ انهن کي ڦرلٽ ڪندڙن جي حوالي ڪيائين، ۽ نيٺ هنن کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪري ڇڏيائين.


هوسيع جي نائين ورهيہ ۾ اسور جي بادشاهہ سامريہ ورتو، ۽ اسرائيلين کي قيد ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو، ۽ انهن کي جوزان نديءَ تي، خلحہ ۽ خابور شهرن ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ رکيائين.


جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.


هاڻي جڏهن لوروحامہ جو کير ڇڏايو ويو، تڏهن هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي، ۽ پٽ ڄڻيائين.


۽ آءٌ هن کي پنهنجي لاءِ زمين ۾ پوکيندس؛ ۽ آءٌ انهيءَ تي رحم ڪندس، جنهن تي رحم نہ ڪيو ويو هو، ۽ جيڪي منهنجي اُمت نہ هئا تن کي آءٌ چوندس تہ اوهين منهنجي اُمت آهيو؛ ۽ هو چوندا تہ تون اسان جو خدا آهين.


هائو، آءٌ هن جي اولاد تي رحم نہ ڪندس، ڇالاءِ جو اُهي زنا جو اولاد آهن.


۽ خداوند مون کي چيو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ هڪڙو شاهل. تڏهن خداوند چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ شاهل رکندس؛ آءٌ اڳتي وري هنن وٽان نہ لنگهندس:


ڏسو، خداوند جون اکيون انهيءَ گنهگار بادشاهت تي آهن، ۽ آءٌ انهي کي زمين جي سطح تان ناس ڪري ڇڏيندس: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي گهراڻي کي اصل نابود ڪري نہ ڇڏيندس.


جو اڳي اوهين ڪابہ اُمت نہ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي اُمت آهيو: اڳي اوهان تي رحم ڪونہ ٿيو هو، پر هاڻي اوهان تي رحم ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ