Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 1:4 - Sindhi Bible

4 ۽ خداوند هن کي چيو تہ انهي جو نالو يزرعيل رک؛ ڇالاءِ جو ٿوري وقت کانپوءِ آءٌ يزرعيل جي خون جو وير ياهوءَ جي گهراڻي کان وٺندس، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي بادشاهي پوري ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ ٻار جو نالو يزرعيل رک، ڇاڪاڻ تہ ٿوري ئي عرصي ۾ آءٌ ييهوءَ جي شاهي گھراڻي ۾ اهڙو قتلام وجھندس، جهڙو هن يزرعيل شهر ۾ وڌو هو. اهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل تان سندس گھراڻي جي بادشاهي ختم ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 1:4
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اخي آب کي سامريہ ۾ ستر پٽ هئا. ۽ ياهو سامريہ ڏانهن خط لکي يزرعيل جي حاڪمن وٽ موڪليا، يعني اتي جي بزرگن ڏانهن، جن اخي آب جا پٽ پاليا هئا، ۽ اُنهن ۾ لکيائين تہ


۽ جڏهن هو سامريہ ۾ آيو تڏهن سامريہ ۾ اخي آب جي گهراڻي مان جيڪي ماڻهو بچيا هئا تن کي ماريائين، ۽ جيڪو ڪلام خداوند ايلياہ جي واتان ڪيو هو تنهن موجب هن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو.


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


يهوداہ جي بادشاهہ عزرياہ جي اٺٽيهين ورهيہ ۾، زڪرياہ بن يربعام سامريہ ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪيائين.


تنهن ڪري خداوند پاڻ اوهان کي هڪڙو نشان ڏيندو؛ ڏسو، هڪڙي ڪنواري زال پيٽ سان ٿيندي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيندي، ۽ انهيءَ جو نالو عمانوايل رکندي.


پوءِ آءٌ نبياڻيءَ وٽ ويس؛ ۽ اها پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄڻيائين. تڏهن خداوند مون کي چيو تہ انهيءَ جو نالو مهير شالال حاش باز رک.


ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ فشحور يرمياہ کي ڪاٺ مان ڪڍيو. تڏهن يرمياہ هن کي چيو تہ خداوند تنهنجو نالو فشحور نہ رکيو آهي پر مجور مسابيب رکيو آهي.


تنهن ڪري خداوند اسرائيل جو خدا منهنجي قوم جي ڌنارن جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجو ڌڻ ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کي هڪالي ڪڍيو آهي، ۽ انهي جي خبر نہ لڌي اٿوَ؛ ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جن ڪرتوتن جي بڇڙائي سبب اوهان جي خبر لهندس.


۽ جڏهن هن ڏٺو تہ بي وفا اسرائيل جي زنا ڪرڻ تي مون هن کي ڪڍي ڇڏيو هو ۽ طلاق نامو ڏنو هومانس، انهي هوندي بہ سندس ڀيڻ دغاباز يهوداہ ڊني ڪين؛ پر پاڻ بہ وڃي ڪسب ڪرڻ لڳي.


انهن هن کي اگهاڙو ڪيو، انهن سندس پٽ ۽ ڌيئرون قابو ڪيون، ۽ کيس ترار سان ڪُهي ڇڏيائون: ۽ هوءَ زالن ۾ هڪڙو پهاڪو ٿي ويئي، ڇالاءِ جو انهن مٿس فتوائن جي تعميل ڪئي.


تون پنهنجي ڀيڻ جي رستي تي پي هلي آهين؛ تنهنڪري آءٌ هن جو پيالو تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس.


۽ هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي، ۽ ڌيءَ ڄڻيائين. ۽ خداوند هن کي چيو تہ انهي جو نالو لوروحامہ رک؛ ڇالاءِ جو آءٌ اسرائيل جي گهراڻي تي وري اڳتي اهڙو رحم نہ ڪندس جو ڪنهن بہ طرح انهن کي معافي ڏيان.


۽ خداوند چيو تہ انهي جو نالو لوعمي رک: ڇالاءِ جو اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا نہ آهيان.


۽ آءٌ بعليم جي ڏينهن جي سزا هن تي آڻيندس، جن جي لاءِ هوءَ لوبان ساڙيندي هئي؛ جڏهن هوءَ پاڻ کي پنهنجن پنڙن ۽ پنهنجن جواهرن سان سينگاري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي، ۽ مون کي وساري ڇڏيندي هئي، خداوند ائين ٿو فرمائي.


۽ زمين اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جو جواب ڏيندي؛ ۽ اُهي يزرعيل جو جواب ڏيندا


منهنجو خدا انهن کي اُڇلائي ڇڏيندو، ڇالاءِ جو هنن سندس نہ ٻڌي؛ ۽ هو قومن منجهہ دربدر ٿيندا.


ڏسو، خداوند جون اکيون انهيءَ گنهگار بادشاهت تي آهن، ۽ آءٌ انهي کي زمين جي سطح تان ناس ڪري ڇڏيندس: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي گهراڻي کي اصل نابود ڪري نہ ڇڏيندس.


۽ هن کي پٽ ڄمندو ۽ انهي جو نالو يسوع رکج. ڇالاءِ جو هو اُهو ئي آهي جو پنهنجي اُمت کي سندن گناهن کان نجات ڏيندو.


پر ملائڪ چيس تہ اي زڪرياہ، ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو تنهنجو سوال اگهاڻو آهي، ۽ تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يوحنا رکج.


۽ ڏس، توکي حمل ٿيندو ۽ پٽ ڄمندئي، جنهن جو نالو يسوع رکج.


هن کانئن پَٽي گهُري ان تي لکيو، تہ هن جو نالو يوحنا آهي. ۽ سڀني کي ڏاڍو عجب لڳو.


هو کيس يسوع وٽ وٺي آيو. يسوع هن ڏانهن نهاري چيو تہ تون يوحنا جو پٽ شمعون آهين، تون ڪيفا، يعني پطرس ڪري سڏبين.


۽ انهن جي سرحد يزرعيل، ۽ ڪسولوٿ، ۽ شونيم؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ