هوسيع 1:2 - Sindhi Bible2 جڏهن خداوند شروع ۾ هوسيع جي معرفت ڳالهايو، تڏهن خداوند هوسيع کي چيو تہ وڃ، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي زناڪار زال، ۽ هڪڙو زنا مان ڄاول ٻار وٺ: ڇالاءِ جو ملڪ خداوند کان پاسو ڪري وڏي زناڪاري ٿو ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible2 خداوند شروع ۾ هوسيع کي فرمايو تہ ”اي هوسيع! جيئن تہ اسرائيل وارا هڪ بيوفا زال وانگر مون خداوند کان ڦري ويا آهن. سو تون وڃي هڪڙي بيوفا عورت سان شادي ڪر ۽ سندس ئي جهڙا ٻار پيدا ڪر.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ جيڪي اوهان مان ڀڄي نڪرندا، سي جن قومن ۾ قيد ٿي کڄي ويندا، تن ۾ مون کي ياد ڪندا، تہ ڪيئن نہ مون سندن زناڪار دل، جا مون کان پري ٿي آهي، ۽ سندن اکيون، جي سندن بُتن جي پٺيان زناڪاري ڪنديون وتن، تن کي ڀڃي ڇڏيو آهي: ۽ جيڪي خرابيون هنن پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سان ڪيون آهن، تن جي ڪري هو خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي نفرتي ڄاڻندا.