Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




هوسيع 1:1 - Sindhi Bible

1 اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾، خداوند جو ڪلام هوسيع بن بيريءَ تي نازل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسرائيل تي يربعام ثاني ولد يهوآس جي بادشاهي هئي ۽ يهوداہ تي عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جون بادشاهتون هيون، تن ڏينهن ۾ هوسيع ولد بيريءَ جي معرفت خداوند جو اهو پيغام ڏنو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




هوسيع 1:1
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوآس پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ يربعام سندس تخت تي ويٺو: ۽ يوآس سامريہ ۾ اسرائيل جي بادشاهن سان گڏ دفن ڪيو ويو.


۽ يوآس پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ سامريہ ۾ اسرائيل جي بادشاهن سان گڏ دفن ڪيو ويو؛ ۽ سندس جاءِ تي سندس پٽ يربعام بادشاهہ ٿيو.


يهوداہ جي بادشاهہ امصياہ بن يوآس جي پندرهين ورهيہ ۾، اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس سامريہ ۾ بادشاهي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ايڪيتاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪيائين.


اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ بن رملياہ جي ٻئي ورهيہ ۾، يوتام بن عزرياہ، يهوداہ جو بادشاهہ بادشاهي ڪرڻ لڳو.


۽ خداوند بادشاهہ کي ڌڪ هنيو، جنهنڪري هو مرڻ جي ڏينهن تائين ڪوڙهيو ٿي پيو، ۽ ڌار گهر ۾ رهندو آيو. ۽ بادشاهہ جو پٽ يوتام گهر جي ڪم ڪار تي هوندو هو، ۽ ملڪ ۾ ماڻهن جو انصاف ڪندو هو.


۽ عزرياہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو؛ ۽ کيس سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ هن جو پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


يوتام جڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن هو پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي؛ ۽ هن جي ماءُ جو نالو يروسہ هو، جا صدوق جي ڌيءَ هئي.


جڏهن آخز بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن ويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ سورهن ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن اهي ڪم نہ ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جيئن سندس پيءُ دائود ڪيا:


۽ پاڪ ڪيل شيون ڇهہ سؤ ڏاند ۽ ٽي هزار رڍون هيون.


يسعياہ بن آموص جو رويا، جو هن يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، حزقياہ جي ڏينهن ۾، يهوداہ ۽ يروشلم بابت ڏٺو.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ آخز بن عزياہ جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو، تہ ارام جو بادشاهہ رضين، ۽ اسرائيل جو بادشاهہ فقحہ بن رملياہ، يروشلم سان جنگ ڪرڻ لاءِ اوڏي ويا؛ پر انهيءَ تي غالب پئي نہ سگهيا.


جنهن تي يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾، سندس حڪومت جي تيرهين سال، خداوند جو ڪلام نازل ٿيو.


هاڻي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


ڪبار نديءَ جي ڪناري تي، ڪسدين جي ملڪ ۾ خداوند جو ڪلام ظاهر ظهور حزقي ايل بن بوزي ڪاهن تي نازل ٿيو، ۽ اُتي خداوند جو هٿ هن تي هو.


خداوند جو ڪلام جو يوايل بن فتوايل تي نازل ٿيو.


تقوع جي ڌنارن مان، عاموس جون ڳالهيون، جي اسرائيل بابت يهوداہ جي بادشاهہ عزياہ جي ڏينهن ۾، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ زلزلي کان ٻہ ورهيہ اڳي هن تي نازل ٿيون.


خداوند جو ڪلام يوناہ بن امتيءَ تي نازل ٿيو، تہ


خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهن يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتيءَ تي نازل ٿيو، جو هن سامريہ ۽ يروشلم جي نسبت ۾ ڏٺو.


دارا جي ٻئي سال جي اٺين مهيني ۾ خداوند جو ڪلام زڪرياہ بن برڪياہ بن عدو نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ


جيڪڏهن انهن کي ٿي خدا ڪري ڪوٺيائين، جن وٽ خدا جو ڪلام آيو، (۽ پاڪ لکيت تہ بدلجڻ جي نہ آهي)،


جيئن تہ هو هوسيع نبيءَ جي ڪتاب ۾ بہ ٿو فرمائي تہ ”جيڪا منهنجي اُمت نہ هئي، تنهن کي پنهنجي اُمت سڏيندس، ۽ جا پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“


ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ