Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 9:4 - Sindhi Bible

4 انهي ۾ سونو خوشبودان، ۽ عهد جي صندوق هئي، جا چوڌاري سون سان مڙهيل هئي، ۽ منجهس من سان ڀريل هڪڙو سونو ٿانءُ، ۽ هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جهليون، ۽ عهد جون تختيون هيون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 انهيءَ ۾ لوبان ساڙڻ واري ٻليدان واري جاءِ جنهن تي سونو پٽ چڙهيل هو ۽ ٻڌل وچن واري صندوق رکيل هئي. اها صندوق چئني پاسن کان سون سان مڙهيل هئي جنهن ۾ مَنَ سان ڀريل هڪ سونو ٿانءُ، هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جھليون هيون ۽ ٻڌل وچن واريون پٿر جون ٻہ تختيون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ ۾ لوبان ٻارڻ لاءِ سونو پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ ۽ عهد واري صندوق رکيل هئي، جيڪا چئني پاسن کان سون سان مڙهيل هئي. انهيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل هڪ سونو ٿانءُ، هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جھليون هيون ۽ عهدنامي واريون پٿر جون ٻہ تختيون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 انھيءَ ۾ لوبان ساڙڻ واري سوني قربان⁠گاھہ ھئي ۽ چئني پاسن کان سون سان مڙھيل عھد واري صندوق رکيل ھئي. انھيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل ھڪ سونو ٿانءُ، ھارون جي لٺ جنھن مکڙيون جھليون ھيون ۽ عھدنامي جون پٿريليون تختيون ھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 9:4
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پيالا، ۽ ڦل وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ چمچا، ۽ باهہ کڻڻ جون ٿالهيون، نج سون جون؛ ۽ نرماد اندرئين گهر جي درن لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، ۽ گهر جي درن لاءِ، يعني هيڪل جي لاءِ، سون جا.


۽ اُتي صندوق جي لاءِ جاءِ مقرر ڪئي اٿم، جنهن ۾ خداوند جو عهدنامو آهي، جو هن اسان جي ابن ڏاڏن سان تڏهن ڪيو هو، جڏهن انهن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هئائين.


صندوق ۾ ٻيو ڪي ڪين هو، سواءِ اُنهن ٻن پٿر جي تختين جي، جي موسيٰ حورب ۾ اُتي رکيون هيون جڏهن خداوند بني اسرائيل سان، سندن مصر جي ملڪ مان نڪرڻ مهل عهد اقرار ڪيو هو.


صندوق ۾ ٻيو ڪي بہ ڪين هو، سواءِ ٻن تختين جي، جي جڏهن خداوند بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ مهل حورب ۾، ساڻن عهد اقرار ڪيو هو، تڏهن موسيٰ اتي رکيون هيون.


اهو پردو تون آنڪڙين جي هيٺان لٽڪائي ڇڏج، ۽ پوءِ اها شاهديءَ جي صندوق، انهي پردي جي اندر آڻي رکج: اهو پردو اوهان جي لاءِ پاڪ جاءِ، ۽ پاڪ ترين جاءِ جي وچ ۾ ٿيندو، ۽ انهن کي ڌار ڪندو.


جڏهن هو سينا جبل تي موسيٰ کي سڀ ڳالهيون ٻڌائي رهيو، تڏهن هن کي شاهديءَ جون ٻہ تختيون، يعني خدا جي آڱر سان لکيل ٻہ پهڻ جون تختيون ڏنائين.


پوءِ موسيٰ موٽي جبل تان هيٺ لٿو، ۽ شاهديءَ جون ٻئي تختيون سندس هٿ ۾ هيون، اهي تختيون ٻنهي پاسي لکيل هيون؛ انهن جو هڪڙو پاسو بہ لکيل هو ۽ ٻيو پاسو بہ.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ شاهديءَ واريون ٻئي تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سينا جبل تان لٿو، تڏهن کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند سان ڳالهائڻ جي ڪري سندس چهرو چمڪي رهيو آهي.


۽ هن ٻٻر جي ڪاٺ مان لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ هڪڙو هٿ، ۽ ويڪر بہ هڪڙو هٿ هئي، ۽ اها چورس هئي؛ ۽ انهيءَ جي اوچائي ٻہ هٿ هئي؛ ۽ انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هئا.


شاهديءَ جي صندوق ۽ انهيءَ جا ڏنڊا، ۽ رحمت جو پوش؛


۽ تون انهي ۾ شاهديءَ جي صندوق رکج، ۽ صندوق کي پردي سان ڍڪي ڇڏج.


پوءِ هو هڪڙو لوبان دان کڻي، انهي کي خداوند جي اڳيان قربانگاهہ تان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري، ۽ خوشبودار لوبان ڪُٽي سنهو ڪري، ۽ انهي سان پنهنجون مٺيون ڀري پردي جي اندر آڻي:


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ هارون جي لٺ شاهديءَ جي صندوق جي سامهون رک، تہ فساد ڪندڙن لاءِ نشاني ٿي رهي، ۽ اهي منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر ٿا ڪن، سا تون بند ڪري ڇڏين، تہ متان هو مري وڃن.


۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ پسند ڪندس تنهن جي لٺ ۾ مکڙيون ڦٽي نڪرنديون، ۽ تنهنجي برخلاف بني اسرائيل جي ڪرڪر آءٌ پاڻ تان لاهي ڇڏيندس.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ شاهديءَ واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن ڇا ٿو ڏسي تہ هارون واري لٺ، جا لاويءَ جي گهراڻي لاءِ هئي، تنهن ۾ مکڙيون ڦٽيون آهن، ۽ گل نڪتا آهن، ۽ پڪيون باداميون لڳيون آهن.


۽ چاليهن ڏينهن ۽ چاليهن راتين کان پوءِ، خداوند مون کي پٿر جون ٻہ تختيون، يعني عهد جون تختيون ڏنيون،


۽ جڏهن پٿر جون تختيون، يعني جيڪو عهد خداوند اوهان سان ڪيو هو، تنهنجون تختيون وٺڻ لاءِ آءٌ جبل تي چڙهي ويس، تڏهن آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون اتي جبل تي رهي پيس؛ ۽ مون نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتم.


۽ خدا جو هيڪل، جو آسمان ۾ آهي، سو کوليو ويو؛ ۽ سندس عهد جي صندوق هيڪل ۾ ڏسڻ ۾ آئي؛ پوءِ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ وڏا ڳڙا پيا.


۽ ٻيو ملائڪ آيو، ۽ هڪڙو سونو خوشبودان کڻي قربانگاهہ تي اچي بيٺو، ۽ کيس گهڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيڪا سوني قربانگاهہ تخت جي اڳيان هئي، تنهن تي سڀني پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ چاڙهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ