Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 9:2 - Sindhi Bible

2 يعني هڪڙو تنبو تيار ڪيو ويو هو، جنهن جي پهرئين حصي ۾ شمعدان ۽ ميز ۽ نذر جون مانيون هيون؛ جنهن کي پاڪ جاءِ چوندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 هڪ پوِتر خيمي جي صورت ۾ کوڙي ويئي هئي. انهيءَ جي پهرئين ڪمري ۾ هڪ شمعدان ۽ هڪ ميز هوندي هئي، جنهن تي ڀيٽا جا روٽ رکيل هوندا هئا. انهيءَ ڪمري کي پوِتر جاءِ سڏيو ويندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هڪ مقدس خيمي جي صورت ۾ کوڙي ويئي هئي. انهيءَ جي پهرئين ڪمري ۾ هڪ شمعدان ۽ هڪ ميز هوندي هئي، جنهن تي نذراني جا روٽ رکيل هوندا هئا. انهيءَ ڪمري کي مقدس جاءِ سڏيو ويندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 يعني ھڪ مقدس خيمو کوڙيو ويو ھو، جنھن جي پھرين ڪمري ۾ شمعدان، ميز ۽ نذراني جون مانيون رکيل ھيون. انھيءَ کي مقدس جاءِ سڏيو ويندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 9:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي ميز جوڙج: انهيءَ جي ڊيگهہ ٻہ هٿ، ويڪر هڪ هٿ، ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هجي.


۽ تون انهيءَ ميز تي هميشہ منهنجي حضور ۾ نذراني جي ماني رکندو رهج.


۽ تون نج سون جو هڪڙو شمعدان جوڙج، اهو شمعدان گهڙيل سون جو هجي؛ انهي جو ترو، ۽ ٿُڙ، ۽ ڏياٽيون ۽ بونبا ۽ گل، اهي سڀ هڪڙي ئي ٽڪر مان گهڙيل هجن.


وري تون خيمي جي لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا جوڙج، جنهن ۾ اُستاد ڪاريگر جا جوڙيل ڪروبي هجن.


اهو پردو تون آنڪڙين جي هيٺان لٽڪائي ڇڏج، ۽ پوءِ اها شاهديءَ جي صندوق، انهي پردي جي اندر آڻي رکج: اهو پردو اوهان جي لاءِ پاڪ جاءِ، ۽ پاڪ ترين جاءِ جي وچ ۾ ٿيندو، ۽ انهن کي ڌار ڪندو.


۽ تون ميز پردي جي ٻاهران رکج، ۽ شمعدان ميز جي سامهون خيمي جي ڏکڻ واري پاسي رکج.


۽ منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي خدمت ڪرڻ واسطي هنن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ تون هيئن ڪج: تون هڪڙو وهڙو ۽ ٻہ بي عيب گهٽا وٺج،


۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي، تيئن تون هارون ۽ سندس پٽن سان ڪج. ستن ڏينهن تائين تون انهن کي مخصوص ڪج.


تون پهرين تاريخ جماعت واري تنبوءَ ۾ عبادت جو خيمو کڙو ڪج.


۽ تون ميز اندر آڻي، انهيءَ جون شيون مٿس ٺاهي جوڙي رکج؛ ۽ شمعدان اندر آڻي، انهي جا ڏيئا ٻارج.


ڪيئن نہ هن خدا جي گهر ۾ گهڙي نذر جون مانيون وڃي کاڌيون، جي کيس توڙي سندس ساٿين کي کائڻ روا نہ هيون، پر رڳو ڪاهنن کي؟


نڪي ماڻهو ڏيئو ٻاري ٽوئي هيٺ ٿا رکن، پر ڏياٽيءَ تي ٿا رکن، تہ گهر ۾ جيڪي ماڻهو آهن تن کي سوجهرو ڏئي.


نہ انهي لاءِ تہ هو وري وري پاڻ کي قربان ڪري؛ جيئن ڪ سردار ڪاهن هر سال پاڪ جاءِ ۾، پنهنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ