Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 9:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي پهرئين عهد ۾ بہ عبادت جا قانون هئا، ۽ انهي جي پاڪ جاءِ هن دنيا جي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هاڻي پوِتر خيمي جي سيوا بابت وڌيڪ سمجھاڻي هيءَ آهي تہ پهرئين ٻڌل وچن ۾ ڀڳتيءَ جا قاعدا هئا ۽ ڀڳتيءَ واري هڪڙي پوِتر جاءِ بہ هئي، جيڪا ڌرتيءَ تي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هاڻي مقدس خيمي جي خدمت بابت وڌيڪ سمجھاڻي هيءَ آهي تہ پهرئين عهد ۾ عبادت جا قاعدا هئا ۽ عبادت واري هڪڙي مقدس جاءِ بہ هئي، جيڪا زمين تي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 مطلب تہ پھرين عھد ۾ بہ عبادت جا قانون ھئا ۽ ھڪ زميني عبادت⁠گاھہ بہ ھئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 9:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو پنهنجي لاءِ هڪڙو پاڪ مڪان جوڙين، تہ آءٌ سندن وچ ۾ رهان.


تہ جنهن سچي خيمي کي ماڻهوءَ نہ، پر خداوند کوڙيو آهي، انهيءَ پاڪ جاءِ جو خادم ٿئي.


تنهنڪري اوهين منهنجو حڪم مڃيندا رهجو، انهي لاءِ تہ اوهان کان اڳي جيڪي مڪروهہ رسمون ۽ ڪم ڪيا ويا هئا، تن مان اوهين ڪوبہ نہ ڪريو، ۽ نڪي انهن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


تنهنڪري هو منهنجو حڪم ياد رکن، متان هو انهي جي ڪري گنهگار ٿين، ۽ انهي جي بي حرمتي ڪرڻ ڪري مري پون: آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن اُهو پهريون عهد بي عيب هجي ها، تہ ڪنهن ٻئي جي لاءِ جاءِ نہ ٿئي ها.


خبردار رهجو متان ڪو ماڻهو پنهنجي فيلسوفيءَ ۽ اجائي فريب سان، ماڻهن جي روايتن ۽ دنيا جي ابتدائي تعليم موجب، ۽ نہ مسيح موجب، اوهان کي شڪار ڪري وٺي.


۽ جيڪڏهن هو پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندا ٿين تہ پوءِ هنن کي انهي گهر جي نقشي ۽ ڊول مان، ۽ انهي جي ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ جي رستن کان، ۽ انهي جي سڀني شڪلين، ۽ انهي جي سڀني قانونن، ۽ سڀني رسمن، ۽ سڀني قاعدن کان واقف ڪر، ۽ سندن روبرو اُهي لکي ڇڏ: تہ هو انهي جو نقشو ۽ انهي جا سڀ قانون سنڀالي ياد رکن، ۽ انهن جي تعميل ڪن.


هو انهيءَ مان ڪجهہ بہ صبح تائين نہ بچائين، نڪي انهيءَ جو ڪو هڏو ڀڃن: فسح جي سڀني قانونن موجب هو اها بجاءِ آڻين.


جڏهن هو نئون عهد ٿو چوي، تڏهن پهرئين کي پراڻو ٺهرايائين. هاڻي جيڪي پراڻو ٿو ٿئي ۽ گهڻن ڏينهن جو ٿيندو وڃي، سو مٽجڻ تي آهي.


اُهي ٻئي خدا جي حضور ۾ راستباز، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قاعدن تي بي قصور هلندڙ هئا.


اُهي اسرائيلي آهن، ۽ گود جي اولاد ٿيڻ جو حق، ۽ جلال، ۽ عهد، ۽ شريعت، ۽ خدا جي عبادت، ۽ واعدا انهن ئي جا آهن، ۽ قوم جا ابا ڏاڏا بہ انهن جا آهن؛


ڇالاءِ جو مسيح انهي هٿ جي جوڙيل پاڪ جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جا حقيقي پاڪ جاءِ جي نموني جهڙي آهي؛ پر خود آسمان ۾ داخل ٿيو، انهي لاءِ تہ هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي واسطي حاضر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ