Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 8:4 - Sindhi Bible

4 هاڻي جيڪڏهن اڃا هو زمين تي هجي ها تہ ڪڏهن بہ ڪاهن نہ ٿئي ها، ڇالاءِ جو شريعت موجب نذرن ادا ڪرڻ وارا موجود آهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 جيڪڏهن هو اڃا ڌرتيءَ تي هجي ها تہ ڪڏهن بہ ڪاهن نہ ٿئي ها، ڇاڪاڻ تہ هتي ڪاهن موسيٰ جي نيم مطابق مقرر ٿي ڀيٽائون چاڙهيندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيڪڏهن هو اڃا زمين تي هجي ها تہ ڪڏهن بہ ڪاهن نہ ٿئي ها، ڇاڪاڻ تہ هتي ڪاهن شريعت مطابق مقرر ٿي نذرانا چاڙهيندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 سو جيڪڏھن ھو اڃا زمين تي ھجي ھا تہ ڪڏھن بہ ڪاھن نہ ٿئي ھا، ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو اڳي ئي موجود آھن جيڪي شريعت موجب نذرانا ٿا چاڙھين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 8:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ بني اسرائيل جي يادگيريءَ لاءِ هڪڙو نشان ٿئي؛ انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو هارون جي نسل مان نہ هجي، سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي، تہ هن جو حال قورح ۽ سندس ٽوليءَ جهڙو نہ ٿئي؛ جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت هن کي فرمايو هو.


۽ اوهين پاڪ مڪان جي ۽ قربانگاهہ جي حفاظت ڪجو: تہ اڳتي وري بني اسرائيل تي غضب نازل نہ ٿئي.


۽ سڀڪو ڪاهن تہ روز بروز بيهي عبادت ٿو ڪري، ۽ اُهي ئي ساڳيون قربانيون وري وري پيو چاڙهي، جي ڪڏهن بہ گناهن کي مٽائي نہ ٿيون سگهن:


ايمان ئي جي ڪري هابل خدا وٽ قائن کان زيادہ عمدي قرباني چاڙهي، جنهنڪري هن جي راستباز هئڻ جي شاهدي ڏني ويئي، جو خدا هن جي نذرن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني: ۽ جيتوڻيڪ هو مري ويو تہ بہ ايمان ئي جي وسيلي اڃا ڳالهائي پيو.


ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن جو ماڻهن مان ٿو چونڊجي؛ سو ماڻهن جي لاءِ انهن ڳالهين واسطي مقرر ڪيو ٿو وڃي، جي خدا سان لاڳاپو ٿيون رکن، انهي لاءِ تہ نذر ۽ گناهن جون قربانيون ادا ڪري.


جنهن کي انهن سردار ڪاهنن وانگر اها ضرورت ڪانهي تہ هو روز پهرين پنهنجن گناهن لاءِ، ۽ پوءِ اُمت جي گناهن لاءِ قربانيون چاڙهي: ڇالاءِ جو ائين هن هڪڙي ئي ڀيري ڪيو، جڏهن پاڻ کي قرباني ڪري ڏنائين.


ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن نذرن توڙي قربانين جي چاڙهڻ لاءِ مقرر ٿيندو آهي: انهي ڪري ضرور آهي تہ هن سردار ڪاهن کي بہ چاڙهڻ جي لاءِ ڪي ڪجهہ هجي.


اهو هاڻوڪي زماني جو هڪڙو مثال آهي، جنهن موجب اهڙا نذرانا ۽ اهڙيون قربانيون ڏنيون وينديون آهن، جي عبادت ڪندڙن جي دل کي ڪامل ڪري نہ سگهنديون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ