Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 8:3 - Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن نذرن توڙي قربانين جي چاڙهڻ لاءِ مقرر ٿيندو آهي: انهي ڪري ضرور آهي تہ هن سردار ڪاهن کي بہ چاڙهڻ جي لاءِ ڪي ڪجهہ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 جيئن تہ هر ڪو سردار ڪاهن ڀيٽائون ۽ ٻليدان چاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ضروري هو تہ اسان جي سردار ڪاهن وٽ بہ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھہ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيئن تہ هر ڪو سردار ڪاهن نذرانا ۽ قربانيون چاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ضروري هو تہ اسان جي سردار ڪاهن وٽ بہ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھہ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 جيئن تہ ھر ڪو سردار ڪاھن نذرانن ۽ قربانين چاڙھڻ لاءِ مقرر ٿيندو آھي، انھيءَ ڪري اھو ضروري ھو تہ ھن سردار ڪاھن وٽ بہ چاڙھڻ لاءِ ڪي ڪجھہ ھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 8:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آئون اُها زندہ ماني آهيان، جا آسمان مان لٿي آهي: جيڪڏهن ڪوبہ هن مانيءَ مان کائيندو تہ هميشہ جيئرو رهندو: بلڪ اُها ماني جا آئون جهان جي زندگيءَ لاءِ ڏيندس، سا آهي منهنجو گوشت.


جو اسانجن گناهن جي لاءِ (موت جي) حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ جياريو ويو.


ڇالاءِ تہ جڏهن اسين اڃا ڪمزور ئي هئاسين، تڏهن عين وقت تي مسيح بي دينن جي خاطر مُئو.


پر خدا پنهنجي پيار جي خوبي هن طرح اسان تي ظاهر ٿو ڪري، جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تڏهن مسيح اسان جي خاطر مُئو.


آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين.


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.


تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا.


ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن جو ماڻهن مان ٿو چونڊجي؛ سو ماڻهن جي لاءِ انهن ڳالهين واسطي مقرر ڪيو ٿو وڃي، جي خدا سان لاڳاپو ٿيون رکن، انهي لاءِ تہ نذر ۽ گناهن جون قربانيون ادا ڪري.


جنهن کي انهن سردار ڪاهنن وانگر اها ضرورت ڪانهي تہ هو روز پهرين پنهنجن گناهن لاءِ، ۽ پوءِ اُمت جي گناهن لاءِ قربانيون چاڙهي: ڇالاءِ جو ائين هن هڪڙي ئي ڀيري ڪيو، جڏهن پاڻ کي قرباني ڪري ڏنائين.


هاڻي جيڪڏهن اڃا هو زمين تي هجي ها تہ ڪڏهن بہ ڪاهن نہ ٿئي ها، ڇالاءِ جو شريعت موجب نذرن ادا ڪرڻ وارا موجود آهن؛


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ