Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:6 - Sindhi Bible

6 پر جيڪو انهن جي نسب نامي مان ڪونہ هو، تنهن ابراهيم کان ڏهون حصو ورتو، ۽ جنهن کي واعدا مليا هئا، تنهن لاءِ برڪت گهُريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 پر توڙي جو ملڪِ‌صدق جو لاويءَ جي پيڙهيءَ سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابرهام کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان وچن ڪيا ويا هئا، تنهن کي آسيسون ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر توڙي جو ملڪِ‌صدق جو لاويءَ جي نسل سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابراهيم کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان واعدا ڪيا ويا هئا، تنهن کي دعائون ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پر ملڪصدق جيئن تہ لاويءَ جي نسل مان نہ ھو، تنھن ھوندي بہ ابراھيم کان ڏھون حصو ورتائين ۽ جنھن سان واعدا ڪيا ويا ھئا، تنھن کي دعائون ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري تون چئج تہ آءٌ هن جي ڀيڻ آهيان. اهڙيءَ طرح تنهنجي ڪري منهنجو ڀلو ٿيندو، ۽ تنهنجي سببان منهنجي جان بچي پوندي.


آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.


اوهين نبين جو اولاد آهيو، ۽ انهي عهد جا شريڪ آهيو، جو خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو، جڏهن ڪ ابراهيم کي چيائين تہ ”تنهنجي نسل جي ڪري زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.“


ڇالاءِ تہ ابراهيم يا سندس نسل کي جو واعدو ڏنو ويو هو، تہ تون جهان جو وارث ٿيندين، سو نہ شريعت جي ڪري، پر ايمان جي راستبازيءَ ڪري.


اُهي اسرائيلي آهن، ۽ گود جي اولاد ٿيڻ جو حق، ۽ جلال، ۽ عهد، ۽ شريعت، ۽ خدا جي عبادت، ۽ واعدا انهن ئي جا آهن، ۽ قوم جا ابا ڏاڏا بہ انهن جا آهن؛


هاڻي ابراهيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا ويا. هو ائين نٿو چوي تہ ”نسلن سان“ جيئن گهڻن لاءِ چئبو آهي، پر جيئن هڪڙي لاءِ چئبو آهي تہ ”تنهنجي نسل سان“ ۽ اهو مسيح آهي.


اهي سڄي عمر ايمان تي قائم هئا، ۽ جيتوڻيڪ واعدي جون شيون نہ ملين، مگر پري کان انهن کي ڏسي انهن جي مرحبا ڪيائون، ۽ قبول ڪيائون تہ اسين زمين تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.


ايمان ئي جي ڪري ابراهيم آزمائش وقت اسحاق کي قربان ڪيو: هائو، جنهن خوشيءَ سان واعدا قبول ڪيا، سو پنهنجي هڪڙي ئي پٽ کي قربان ڪرڻ تي هو؛


ڇالاءِ جو اهو ملڪ صدق، شاليم جو بادشاهہ، خدا تعاليٰ جو ڪاهن آهي، ۽ هميشہ ڪاهن رهندو ٿو اچي. جڏهن ابراهيم بادشاهن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ موٽيو، تڏهن هو کيس گڏيو ۽ سندس لاءِ برڪت گهُريائين،


هاڻي انهي ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ ننڍي کي وڏي کان برڪت ملندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ