Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:5 - Sindhi Bible

5 ۽ ليويءَ جي اولاد مان، جي کي ڪهانت جو عهدو مليو، تن کي حڪم آهي تہ شريعت موجب اُمت کان يعني پنهنجن ڀائرن کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اُهي ابراهيم جي اولاد مان ئي پيدا ٿيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاهن جو عهدو ٿو ملي، تن کي موسيٰ جي نيم موجب اهو حڪم مليل آهي تہ پنهنجي قوم بني اسرائيل کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اهي لاوي قبيلي وارا بہ ابرهام جي پيڙهيءَ مان ئي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاهن جو عهدو ٿو ملي، تن کي شريعت موجب اهو حڪم مليل آهي تہ پنهنجي قوم بني اسرائيل کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اهي لاوي قبيلي وارا بہ ابراهيم جي نسل مان ئي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاھن جو عھدو ٿو ملي تن کي حڪم آھي تہ شريعت موجب پنھنجي قوم بني اسرائيل کان ڏھون حصو اڳاڙين، جيتوڻيڪ اھي بہ ابراھيم جي نسل مان ئي آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا چيس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان: تون ڦلدار ٿيءُ ۽ وڌ، تو مان هڪڙي قوم بلڪ گهڻيون قومون پيدا ٿينديون، ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا.


يعقوب جي ننهنرن کان سواءِ سندس پنهنجو اولاد، جو ساڻس گڏ مصر ۾ آيو، سي مڙيئي ڇاهٺ ڄڻا هئا؛


انهيءَ هوندي بہ تون اهو گهر نہ جوڙيندين: پر تنهنجو پٽ، جو تنهنجي پٺ مان پيدا ٿيندو سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو.


۽ مون کي معلوم ٿيو تہ لاوين جا حصا هنن کي نہ ڏنا ويا هئا؛ جنهنڪري سڀيئي لاوي ۽ ڳائڻ وارا، جي ڪم ڪندا هئا سي پنهنجين ٻنين ڏانهن ڀڄي ويا هئا.


سڀيئي ٻار جي يعقوب مان پيدا ٿيا هئا سي ستر ڄڻا هئا؛ ۽ يوسف اڳيئي مصر ۾ هو.


۽ تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ اُهي، يعني هارون، ۽ سندس پٽ ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر، منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.


پر تون ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ، قربانگاهہ ۽ پردي جي اندر جي سڀ ڪم ڪار لاءِ، پنهنجي ڪهانت قائم رکجو، ۽ خدمت ڪجو: آءٌ ڪهانت جي خدمت اوهان کي بخشش طور ٿو ڏيان، ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو سو ماريو ويندو.


ٽيون سال، جو ڏهين حصي اُڳاڙڻ جو سال آهي، تنهن ۾ جڏهن تون پنهنجي سموريءَ پيدائش جو ڏهون حصو ڪڍي پورو ڪرين، تڏهن تون اهو لاويءَ کي، ۽ پرديسيءَ، ۽ يتيم کي، ۽ بيوہ زال کي ڏج، تہ اهي تنهنجن دروازن جي اندر کائي ڍءُ ڪن؛


۽ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي لاءِ تيسين اها عزت اختيار نٿو ڪري، جيسين ڪ هارون وانگر خدا کان سڏيو نٿو وڃي.


ڇالاءِ جو جڏهن ملڪ صدق ابراهيم کي گڏيو، تڏهن هو اڃا سندس اندر ۾ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ