Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:18 - Sindhi Bible

18 سو اڳيون حڪم ڪمزور ۽ بي فائدي هئڻ ڪري رد ٿيو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 اهڙيءَ طرح لاوين واري ڪاهنيءَ سان واسطو رکندڙ نيم جو پراڻو قاعدو ڪمزور ۽ بي‌فائدي هئڻ ڪري ختم ٿي ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اهڙيءَ طرح لاوين واري ڪاهنيءَ سان واسطو رکندڙ شريعت جو پراڻو قاعدو ڪمزور ۽ بي‌فائدي هئڻ ڪري ختم ٿي ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 تنھنڪري پھريون حڪم ڪمزور ۽ بي⁠فائدي ھئڻ ڪري رد ٿي ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو ايمان ٿو آڻي، سو هن جي ئي ڪري انهن سڀني ڳالهين کان سچو ٺهرائبو، جن کان موسيٰ جي شريعت ڪري اوهين سچا ٺهرجي نٿي سگهيا.


تڏهن اسين شريعت کي ايمان جي ڪري رد ٿا ڪريون ڇا؟ اصل ئي نہ، بلڪ اسين شريعت کي قائم ٿا ڪريون.


هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:


اي ڀائرو، آئون ماڻهن جي دستور موجب ٿو ڳالهايان، تہ جيتوڻيڪ اهو ڪنهن ماڻهو جو عهد هجي، تہ بہ جڏهن اُهو پڪو ڪيو ٿو وڃي، تڏهن ڪوبہ انهي کي رد نٿو ڪري، نڪي انهي ۾ ڪجهہ وڌائي ٿو سگهي.


هاڻي آئون هيئن ٿو چوان، تہ جنهن عهد کي اڳيئي خدا پڪو ڪيو، تنهن کي شريعت، جا چار سؤ ٽيهن ورهين کانپوءِ آئي، سا رد ڪري نٿي سگهي تہ اُهو واعدو بي اثر ٿي وڃي.


تڏهن شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آهي ڇا؟ اصل ئي نہ، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪا اهڙي شريعت ڏني وڃي ها، جا زندگي بخشي سگهي ها، تہ جيڪر راستبازي شريعت جي وسيلي هجي ها.


اوهين جي شريعت جي ماتحت رهڻ ٿا گهُرو، سي مون کي ٻُڌايو تہ اوهين شريعت نٿا ٻُڌو ڇا؟


يا هاڻي جڏهن اوهين خدا کان واقف ٿيا، بلڪ جڏهن خدا اوهان کي سڃاتو آهي، تڏهن وري انهن ضعيف ۽ ڪين جهڙين ابتدائي شين ڏانهن ڪيئن ٿا ڦرو، ۽ ڪيئن غلاميءَ ۾ رهڻ لاءِ وري خواهش ٿا ڪريو؟


ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي.


جدا جدا قسم جي ۽ ڌارين تعليمن تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو: ڇالاءِ جو فضل جي وسيلي دل کي قائم رکڻ چڱو آهي، نہ انهن طعامن جي وسيلي جن جي کائڻ وارن کي فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.


(ڇالاءِ تہ شريعت ڪنهن بہ شيءِ کي ڪامل نہ ڪيو،) ۽ انهي جي بدران هڪڙي بهتر اُميد اچي ويئي، جنهن جي وسيلي اسين خدا کي ويجهو ٿا وڃون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ