Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:1 - Sindhi Bible

1 ڇالاءِ جو اهو ملڪ صدق، شاليم جو بادشاهہ، خدا تعاليٰ جو ڪاهن آهي، ۽ هميشہ ڪاهن رهندو ٿو اچي. جڏهن ابراهيم بادشاهن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ موٽيو، تڏهن هو کيس گڏيو ۽ سندس لاءِ برڪت گهُريائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هي اهو ملڪِ‌صدق آهي، جيڪو سالم شهر جو راجا ۽ مهان ايشور جو ڪاهن هو. جڏهن ابرهام چئن راجائن کي قتل ڪري موٽيو پئي آيو تہ ملڪِ‌صدق ساڻس گڏيو ۽ کيس آسيسون ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هي اهو ملڪِ‌صدق آهي، جيڪو سالم شهر جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو. جڏهن ابراهيم چئن بادشاهن کي قتل ڪري موٽيو پئي آيو تہ ملڪِ‌صدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ملڪصدق شاليم جو بادشاھہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاھن ھو. جڏھن ابراھيم بادشاھن کي شڪست ڏيئي موٽيو پئي آيو تہ ملڪصدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ خدا تعاليٰ کي پڪاريندس؛ انهيءَ خدا کي جو منهنجي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿو ڪري.


سالم ۾ هن جو خيمو آهي، ۽ صيون ۾ هن جي رهڻ جي جاءِ آهي.


۽ ياد ڪيائون تہ خدا اسان جو ٽڪر آهي، ۽ خدا تعاليٰ اسان جو ڇڏائيندڙ آهي.


تڏهن بہ انهن خدا تعاليٰ کي آزمايو ۽ هن جي برخلاف فساد ڪيائون، ۽ هن جي شاهدين کي نہ مڃيائون.


مون کي مناسب نظر آيو آهي تہ اُهي نشانيون ۽ عجيب ڪم بيان ڪريان، جي خدا تعاليٰ منهنجي لاءِ ڪيا آهن.


اي بادشاهہ، خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي ۽ وڏائي ۽ عزت ۽ هشمت عطا ڪئي:


۽ هو بني آدم مان هڪاليو ويو، ۽ هن جي دل جانورن جهڙي ڪئي ويئي، ۽ هن جو رهڻ گورخرن سان ٿيو؛ ۽ هن کي ڏاندن وانگي گاهہ ٿي کارايائون، ۽ هن جو بدن ماڪ سان پُسيل ٿي رهيو: جيستائين ڪ هن سمجهيو تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.


ڪهڙي شيءِ کڻي آءٌ خداوند جي اڳيان اچان، ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان سجدو ڪريان؟ آءٌ سوختني قربانين يا هڪ سالن جي وهڙن سان اچان ڇا؟


۽ وڏي سڏ رڙ ڪري چيائين، تہ اي يسوع، خدا تعاليٰ جا فرزند، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.


۽ اُها پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي، تہ هي ماڻهو خدا تعاليٰ جا بندا آهن، جي اوهان کي نجات جي واٽ ٿا ڏيکارين.


جتي يسوع اسان جي خاطر، هميشہ جي لاءِ ملڪ صدق جي طريقي موجب سردار ڪاهن ٿي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آهي.


۽ ابراهيم هن کي سڀني شين جو ڏهون حصو ورهائي ڏنو. هو پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب پهرين راستبازيءَ جو بادشاهہ آهي ۽ پوءِ شاليم يعني سلامتيءَ جو بادشاهہ بہ آهي؛


جنهن جو نڪو پيءُ، نڪا ماءُ، نڪو نسب نامو آهي، جنهن جي عمر جي نہ شروعات آهي نہ حياتيءَ جي پڄاڻي، پر خدا جي فرزند جي مشابهہ ڪيو ويو آهي تہ هميشہ لاءِ ڪهانت ڪري.


پر جيڪو انهن جي نسب نامي مان ڪونہ هو، تنهن ابراهيم کان ڏهون حصو ورتو، ۽ جنهن کي واعدا مليا هئا، تنهن لاءِ برڪت گهُريائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ