Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 5:6 - Sindhi Bible

6 جيئن ڪ ٻئي هنڌ بہ چيل آهي، تہ ”تون ملڪ صدق جي طريقي جو هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 اهڙيءَ طرح پوِتر لکت ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ کيس هي بہ فرمايو اٿائين تہ ”تون ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اهڙيءَ طرح پاڪ لکت ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ کيس هي بہ فرمايو اٿائين تہ ”تون ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 اھڙيءَ طرح ھو ٻي ھنڌ بہ چوي ٿو تہ ”تون ملڪصدق جي طريقي موجب ھميشہ لاءِ ڪاھن آھين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 5:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند قسم کنيو آهي، هو ڦرندو ڪين، تہ تون ملڪ صدق جي طريقي جو هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.


۽ خدا جي طرفان ملڪ صدق جي طريقي جي سردار ڪاهن جو عهدو مليس.


جتي يسوع اسان جي خاطر، هميشہ جي لاءِ ملڪ صدق جي طريقي موجب سردار ڪاهن ٿي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آهي.


هاڻي جيڪڏهن ليويءَ واري ڪهانت جي ڪري ڪماليت حاصل ٿئي ها (جو انهيءَ جي ماتحت اُمت کي شريعت ملي آهي،) تہ پوءِ ڪهڙي گهُرج هئي، تہ ٻيو ڪاهن ملڪ صدق جي طريقي جو پيدا ٿئي ۽ نہ هارون جي طريقي جو؟


۽ اها ڳالهہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿي ٿئي جو ملڪ صدق جهڙو هڪڙو ٻيو ڪاهن پيدا ٿيو،


ڇالاءِ جو انهي بابت اِها شاهدي ڏني ويئي آهي، تہ ”تون ملڪ صدق جي طريقي موافق هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.“


جيڪي اڳي ڪاهن مقرر ٿيا هئا، سي قسم کانسواءِ مقرر ٿيا آهن؛ پر هي قسم سان انهي جي طرفان مقرر ٿيو آهي، جنهن سندس نسبت ۾ چيو، تہ ”خداوند قسم کنيو ۽ ڪڏهن ڪين ڦرندو، تہ تون هميشہ جي لاءِ ڪاهن آهين.“


جنهن جو نڪو پيءُ، نڪا ماءُ، نڪو نسب نامو آهي، جنهن جي عمر جي نہ شروعات آهي نہ حياتيءَ جي پڄاڻي، پر خدا جي فرزند جي مشابهہ ڪيو ويو آهي تہ هميشہ لاءِ ڪهانت ڪري.


۽ هتي فاني انسان ڏهون حصو ٿا وٺن، پر هُتي اُهو ٿو وٺي، جنهن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني ويئي آهي تہ جيئرو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ