Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 5:5 - Sindhi Bible

5 ساڳيءَ طرح مسيح بہ سردار ڪاهن ٿيڻ جي عزت پاڻ کي پاڻهي نہ ڏني، پر انهي ڏنيس جنهن کيس چيو، تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين“؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ساڳيءَ طرح مسيح بہ پاڻ کي سردار ڪاهن ٿيڻ جو مان پاڻ نہ ڏنو، بلڪ ايشور ئي کيس ڏنو، جيئن پوِتر شاستر ۾ کيس فرمايائين تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ساڳيءَ طرح مسيح بہ پاڻ کي سردار ڪاهن ٿيڻ جي عزت پاڻ نہ ڏني، بلڪ خدا ئي کيس ڏني، جيئن پاڪ ڪلام ۾ کيس فرمايائين تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 ساڳيءَ طرح مسيح بہ پاڻ کي سردار ڪاھن ٿيڻ جي عزت پاڻ نہ ڏني، بلڪ خدا کيس چيو تہ ”تون منھنجو فرزند آھين، اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 5:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو آءٌ اهو حڪم ٻڌائيندس: جو خداوند مون کي فرمايو تہ تون منهنجو پٽ آهين؛ مون اڄوڪي ڏينهن توکي پيدا ڪيو.


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


ڇالاءِ جو خدا جهان کي اهڙو پيار ڪيو، جو پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنائين، تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي، سو برباد نہ ٿئي، پر کيس هميشہ جي زندگي ملي.


جو پاڻو ٿو چوي، سو پنهنجي وڏائي ٿو ڳولي: پر جيڪو انهيءَ جي وڏائي ٿو ڳولي، جنهن کيس موڪليو آهي، سو ئي سچو آهي ۽ منجهس کوٽ ڪونهي.


يسوع جواب ڏنو، تہ جيڪڏهن آئون پنهنجي وڏائي ڪريان، تہ منهنجي وڏائي ڪي ڪينهي: منهنجو پيءُ پاڻ منهنجي وڏائي ڪرڻ وارو آهي؛ جنهن جي نالي چئو ٿا تہ هو اسان جو خدا آهي؛


تہ ڪيئن خدا يسوع کي جياري، اسان جي اولاد جي لاءِ اُهو واعدو پورو ڪيو؛ جيئن ڪ ٻئي زبور ۾ لکيل آهي تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين.“


هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:


قديم زماني ۾ خدا ابن ڏاڏن سان نبين جي معرفت، ڪيترائي ڀيرا ۽ ڪيترن ئي نمونن سان ڪلام ڪيو،


ڇالاءِ جو هن ملائڪن مان ڪڏهن ڪنهن کي چيو تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين؟“ ۽ وري ”آئون هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو؟“


تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.


تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا.


۽ خدا جي طرفان ملڪ صدق جي طريقي جي سردار ڪاهن جو عهدو مليس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ