Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 5:3 - Sindhi Bible

3 انهي ڪري مٿس اهو فرض آهي تہ گناهن جي لاءِ جهڙي اُمت جي واسطي قرباني ڪري، تهڙي پنهنجي واسطي بہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 انهيءَ ڪري مٿس اهو فرض آهي تہ جهڙيءَ طرح ماڻهن جي پاپن واسطي ٻليدان پيش ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح پنهنجي پاپن لاءِ بہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ ڪري مٿس اهو فرض آهي تہ جهڙيءَ طرح ماڻهن جي گناهن واسطي قرباني پيش ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح پنهنجي گناهن لاءِ بہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 انھيءَ ڪري مٿس اھو فرض آھي تہ جھڙيءَ طرح پنھنجي گناھن واسطي قرباني ادا ڪري ٿو، تھڙيءَ طرح ماڻھن جي گناھن لاءِ بہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 5:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ هو گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر کي ذبح ڪري، جو اُمت جي واسطي آهي، ۽ انهي جو رت پردي جي اندر آڻي، ۽ انهي جي رت سان بہ ائين ئي ڪري، جيئن وهڙي جي رت سان ڪيو هئائين، يعني اهو رحمت جي پوش تي ۽ رحمت جي پوش جي اڳيان ڇاٽاري.


۽ هارون پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو حاضر ڪري، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ڪري.


پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون قربانگاهہ جي ويجهو وڃ، ۽ پنهنجي گناهہ جي قرباني، ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهہ، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪر: ۽ اُمت جي قرباني چاڙهہ، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.


ڇالاءِ جو پهرين مون اوهان کي اُها ڳالهہ پهچائي ڏني جا مون کي بہ ملي هئي، تہ پاڪ لکيت موجب مسيح اسانجن گناهن جي لاءِ مُئو،


پر هي شخص گناهن جي لاءِ هڪڙي ئي قرباني هميشہ جي واسطي چاڙهي خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو؛


جنهن کي انهن سردار ڪاهنن وانگر اها ضرورت ڪانهي تہ هو روز پهرين پنهنجن گناهن لاءِ، ۽ پوءِ اُمت جي گناهن لاءِ قربانيون چاڙهي: ڇالاءِ جو ائين هن هڪڙي ئي ڀيري ڪيو، جڏهن پاڻ کي قرباني ڪري ڏنائين.


پر ٻئي حصي ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو اڪيلو داخل ٿيندو آهي، ۽ پاڻ سان رت کڻي ويندو آهي، جو رت هو پنهنجي ۽ پنهنجيءَ اُمت جي خطائن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ