Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 4:8 - Sindhi Bible

8 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن يشوع انهن کي آرام ۾ داخل ڪري ها، تہ خدا انهي کانپوءِ ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 ڏسو، يشوع بني اسرائيل جي ٻي پيڙهيءَ کي انهيءَ ملڪ يعني ڪنعان ۾ تہ آندو، پر کين آرام ڪونہ مليو. جيڪڏهن ان وقت کين آرام ملي ها، تہ بعد ۾ آرام ڏيڻ لاءِ ايشور ڪنهن ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ڏسو، يشوع بني اسرائيل جي ٻي پيڙهيءَ کي انهيءَ ملڪ يعني ڪنعان ۾ تہ آندو، پر کين آرام ڪونہ مليو. جيڪڏهن ان وقت کين آرام ملي ها، تہ بعد ۾ آرام ڏيڻ لاءِ خدا ڪنهن ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 سو جيڪڏھن يشوع انھن کي آرام ۾ داخل ڪري ھا تہ خدا انھيءَ کان پوءِ ڪنھن ٻئي ڏينھن جو ذڪر نہ ڪري ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 4:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ جو پٽ نون، انهيءَ جو پٽ يهوسوع.


هن انهن کي قومن جا ملڪ ڏنا؛ ۽ هنن قومن جي ڪمائيءَ تي قبضو ڪيو.


هن ڌارين قومن کي انهن جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو، ۽ زمين ماپي اسرائيل جي قبيلن کي ميراث ڪري ڏنائين، ۽ کين انهن جي خيمن ۾ رهايائين.


۽ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن انهن قومن جي ملڪيت وڃي هٿ ڪئي، جن کي خدا سندن اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو، تڏهن اهو تنبو جو کين مليو هو، سو يشوع سان گڏ کڻي آيا؛ ۽ اُهو دائود جي وقت تائين رهيو.


ڇالاءِ جو اوهين اڃا انهي آرام ۽ انهي ميراث واري هنڌ نہ پهتا آهيو، جيڪو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو.


تنهنڪري هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ جيڪي تنهنجا دشمن تنهنجي آس پاس هوندا، تن کان جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي آرام ڏئي، تڏهن تون زمين تان عماليقين جو نالو نشان مٽائي ڇڏج؛ تون اها ڳالهہ نہ وسارج.


قديم زماني ۾ خدا ابن ڏاڏن سان نبين جي معرفت، ڪيترائي ڀيرا ۽ ڪيترن ئي نمونن سان ڪلام ڪيو،


تنهنڪري خدا جي اُمت لاءِ سبت جو آرام باقي رهيل آهي.


جيستائين خداوند اوهان جي ڀائرن کي بہ آرام بخشي، جيئن اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏئي ٿو: تڏهن اوهين پنهنجي انهيءَ ملڪ ڏي موٽي وڃجو جو اوهان جو آهي، ۽ انهيءَ تي قبضو ڪجو، جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، يردن جي پرئين ڀر اُڀرندي ڏانهن، اوهان کي ڏنو.


انهي طرح جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، ان موجب يشوع سڄو ملڪ هٿ ڪيو؛ ۽ يشوع اُهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن ۽ فرقن موجب، ورثي طور ڏيئي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


هاڻي خداوند اوهان جي خدا اوهانجن ڀائرن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن انهن کي چيو هو: تنهنڪري هاڻي اوهين پٺتي موٽو، ۽ جيڪا اوهان جي ورثي واري زمين خداوند جي ٻانهي موسيٰ يردن جي هن ڀر اوهان کي ڏني هئي، تنهن ۾ پنهنجن تنبن ڏانهن وڃو.


۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو، تہ جڏهن خداوند اسرائيل کي آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو، ۽ يشوع پيرسن ۽ وڏي عمر جو ٿيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ