Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 4:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن وري هو هڪڙو خاص ڏينهن ٿو ٺهرائي، ۽ ڪيتري عرصي کانپوءِ دائود جي ڪتاب ۾ انهي کي اڄوڪو ڏينهن ٿو چوي، جيئن ڪ اڳي بہ چيو ويو هو تہ ”اڄ جيڪڏهن اوهين هن جو آواز ٻُڌو تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 تنهنڪري گھڻي وقت کان پوءِ ايشور وري هڪڙو خاص ڏينهن مقرر ڪيو، جنهن کي دائود جي معرفت پوِتر لکت ۾ ”اڄ“ سڏيائين، جيڪا مون ٿورو اڳ بيان ڪئي آهي تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين مون ايشور جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تنهنڪري گھڻي وقت کان پوءِ خدا وري هڪڙو خاص ڏينهن مقرر ڪيو، جنهن کي دائود جي معرفت پاڪ لکت ۾ ”اڄ“ سڏيائين، جيڪا مون ٿورو اڳ بيان ڪئي آهي تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 تنھنڪري گھڻي وقت کان پوءِ خدا وري ھڪڙو خاص ڏينھن مقرر ڪيو جنھن کي ”اڄ“ سڏيو ويو، جڏھن دائود جي وسيلي اڳي وانگر فرمايو ويو تہ ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 4:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني اسرائيل مصر جي زمين مان نڪتا تنهن کان چار سؤ اسي ورهيہ پوءِ، ۽ اسرائيل تي سليمان جي بادشاهيءَ جي چوٿين ورهيہ ۾، زيو جي مهيني ۾، جو ٻيو مهينو آهي، هيئن ٿيو جو هن خداوند جو گهر جوڙڻ شروع ڪيو.


ڇو جو هو اسان جو خدا آهي، ۽ اسين سندس چراگاهہ جي اُمت، ۽ سندس هٿ جون رڍون آهيون. شل اڄوڪي ڏينهن اوهين سندس آواز ٻڌو!


هن چين تہ تڏهن ڪيئن دائود روح جي هدايت سان هن کي خداوند ٿو سڏي، جو چوي ٿو تہ


دائود پاڻ پاڪ روح جي هدايت سان چيو آهي، تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي بڻايان.“


ڇو جو دائود پاڻ زبور جي ڪتاب ۾ چيو آهي، تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو، تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،


اي ڀائرو، آئون اوهان کي کُليو کُلايو بابي دائود بابت ٻُڌائي ٿو سگهان تہ هو برابر مري ويو ۽ دفن بہ ٿيو، ۽ سندس قبر اڄ تائين موجود آهي.


سو اها پيش بيني ڪري هن مسيح جي وري جي اُٿڻ جي ڳالهہ ڪئي، تہ نڪي هو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو، نڪي سندس جسم سڙي ويندو.


۽ هو پاڻ ۾ هڪ راءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي هئا، پر تنهن کان اڳي پولس هيءَ هڪڙي ڳالهہ چين، تہ پاڪ روح يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوهان جي ابن ڏاڏن کي چڱو چيو،


جو چيل آهي، تہ ”اڄ جيڪڏهن اوهين هن جو آواز ٻُڌو تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن ڪاوڙائڻ مهل ڪيوَ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ