Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 4:6 - Sindhi Bible

6 تنهنڪري جڏهن اِها ڳالهہ باقي رهيل آهي تہ ڪي انهي آرام ۾ داخل ٿيندا، ۽ جن کي اڳي خوشخبري ٻُڌائي ويئي هئي، سي نافرمانيءَ جي ڪري داخل نہ ٿيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 هاڻي ڏسو، جن کي آرام واري اها خوشخبري پهريائين ٻڌائي ويئي هئي، تن پنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري آرام حاصل نہ ڪيو. جڏهن تہ اهو آرام ماڻهن کي ملڻ لاءِ اڃا تائين قائم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هاڻي ڏسو، جن کي آرام واري اها خوشخبري پهريائين ٻڌائي ويئي هئي، تن پنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري آرام حاصل نہ ڪيو. جڏهن تہ اهو آرام ماڻهن کي ملڻ لاءِ اڃا تائين قائم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 سو اھا ڳالھہ اڃا باقي آھي تہ ڪي ماڻھو انھيءَ آرام ۾ داخل ٿيندا. پر اھي جن کي پھريائين خوشخبري ٻڌائي ويئي ھئي، سي پنھنجي نافرمانيءَ جي ڪري داخل نہ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 4:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اوهين پنهنجو نالو منهنجن چونڊيلن جي لاءِ لعنت وانگي ڇڏيندا، ۽ خداوند خدا توکي قتل ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن بندن کي ٻئي نالي سان سڏيندو؛


آءٌ هنن کي وبا سان ماريندس، ۽ کين ورثي کان خارج ڪندس، ۽ تو مان هڪڙي هنن کان بہ وڏي ۽ زور واري قوم ٺاهيندس.


پر اوهان جا ٻار جن جي نسبت ۾ اوهان چيو تہ اهي پڪڙجي ويندا، تن کي آءٌ اتي پهچائيندس، ۽ اهي انهي ملڪ جو قدر ڄاڻندا، جنهن کي اوهان رد ڪيو آهي.


تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهت اوهان کان کسي انهيءَ قوم کي ڏني ويندي، جا انهيءَ جو ڦل ڏيندي.


سو اوهان کي معلوم هجي، تہ هي خدا جو ڇوٽڪارو غير قومن وٽ موڪليو ٿو وڃي؛ ۽ اُهي ٻُڌندا.


پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ وقت تنگ اچي ٿيو آهي، تنهنڪري اڳتي سگهرا ڇڙن جهڙا ٿي رهن،


۽ پاڪ لکيت ۾ اهو اڳيئي ڄاڻايل هو، تہ خدا غير قومن کي ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، تنهنڪري اڳيئي هن اها خوشخبري ابراهيم کي ٻُڌائي تہ ”تنهنجي ڪري سڀ قومون برڪت پائينديون.“


تنهنڪري اچو تہ اسين انهي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو سعيو ڪريون تہ ڪوبہ ماڻهو انهن وانگر نافرماني ڪري گمراهہ نہ ٿئي.


ڇالاءِ جو اسان کي بہ اهڙي خوشخبري ٻُڌائي ويئي آهي جهڙي هنن کي ٻُڌائي ويئي هئي: پر ڪلام، جو ٻُڌو هئائون، تنهن مان کين فائدو ڪونہ رسيو؛ ڇالاءِ جو جن اهو ٻُڌو، تن ۾ اسان جهڙو ايمان ڪونہ هو.


تنهنڪري خدا جي اُمت لاءِ سبت جو آرام باقي رهيل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ