Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 4:4 - Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو هن ڪنهن هنڌ ستين ڏينهن بابت هيئن چيو آهي، تہ ”خدا پنهنجا سڀيئي ڪم پورا ڪري ستين ڏينهن آرام ڪيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 اهو بيان ڪندي پوِتر شاستر ۾ هڪڙي هنڌ ستين ڏينهن بابت هيئن ٻڌايو ويو آهي تہ ”ايشور پنهنجي سڀني ڪمن کي پورو ڪري ستين ڏينهن آرام ڪيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اهو بيان ڪندي پاڪ ڪلام ۾ هڪڙي هنڌ ستين ڏينهن بابت هيئن ٻڌايو ويو آهي تہ ”خدا پنهنجي سڀني ڪمن کي پورو ڪري ستين ڏينهن آرام ڪيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪلام ۾ ستين ڏينھن بابت ھيئن فرمايو ويو آھي تہ ”خدا پنھنجي سڀني ڪمن کي پورو ڪري ستين ڏينھن آرام ڪيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 4:4
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو ڇهن ڏينهن ۾ خداوند آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو سڀڪي، جو انهن ۾ آهي، سو جوڙيو ۽ ستين ڏينهن آرام ڪيائين؛ انهيءَ ڪري خداوند سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين.


اها منهنجي ۽ بني اسرائيل جي وچ ۾ هميشہ جي لاءِ هڪڙي نشاني آهي، ڇالاءِ جو ڇهن ڏينهن ۾ خداوند آسمان ۽ زمين کي جوڙيو ۽ ستين ڏينهن فارغ ٿيو، ۽ آرام ورتائين.


پر ستون ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جو سبت آهي: انهي ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪر، نہ تون، نہ تنهنجو پٽ، نہ تنهنجي ڌيءَ، نہ تنهنجو غلام، نہ تنهنجي ٻانهي، نہ تنهنجو ڏاند، نہ تنهنجو گڏهہ، نہ تنهنجو ڪو ٻيو ڍور، نہ تنهنجو ڪو مسافر، جو تنهنجي در جي اندر هجي؛ انهي لاءِ تہ تنهنجي غلام ۽ ٻانهيءَ کي بہ تو وانگر آرام ملي.


پر ڪنهن هنڌ شاهدي ڏني ويئي آهي، تہ ”انسان ڇا آهي جو تون هن جو خيال ٿو ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جو فڪر ٿو ڪرين؟


ڇالاءِ جو جيڪو خدا جي آرام ۾ داخل ٿو ٿئي، تنهن کي بہ پنهنجن ڪمن کان اهڙيءَ طرح آرام ٿو ملي، جهڙيءَ طرح خدا پنهنجن ڪمن کان آرام ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ