Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 4:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو اسان کي بہ اهڙي خوشخبري ٻُڌائي ويئي آهي جهڙي هنن کي ٻُڌائي ويئي هئي: پر ڪلام، جو ٻُڌو هئائون، تنهن مان کين فائدو ڪونہ رسيو؛ ڇالاءِ جو جن اهو ٻُڌو، تن ۾ اسان جهڙو ايمان ڪونہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ڏسو، ايشور کان آرام ملڻ واري خوشخبري جيئن بني اسرائيل وارن کي ٻڌائي ويئي، تيئن اسان کي بہ ٻڌائي ويئي. پر انهيءَ خوشخبريءَ واري سنديش مان انهن ڪو فائدو حاصل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ٻڌي ڪري انهيءَ تي اعتبار نہ رکيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڏسو، خدا کان آرام ملڻ واري خوشخبري جيئن بني اسرائيل وارن کي ٻڌائي ويئي، تيئن اسان کي بہ ٻڌائي ويئي. پر انهيءَ خوشخبريءَ واري پيغام مان انهن ڪو فائدو حاصل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ٻڌي ڪري انهيءَ تي اعتبار نہ رکيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ڇالاءِ⁠جو اسان کي بہ انھن وانگر ئي خوشخبري ٻڌائي ويئي. پر جيڪو پيغام انھن ٻڌو تنھن کين ڪو فائدو نہ رسايو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ايمان سان نہ ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 4:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو پولس ۽ برناباس همت جهلي ڳالهائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ضرور هو تہ خدا جو ڪلام پهريائين اوهان کي ٻُڌائجي: پر جيئن تہ اوهان اهو ريٽي ڇڏيو آهي، ۽ هميشہ جي زندگيءَ جو پاڻ کي لائق ئي نٿا سمجهو، تنهنڪري ڏسو، اسين ڦري غير قومن ڏانهن ٿا وڃون.


سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.


ڇالاءِ جو ختني مان بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن تون شريعت تي عمل ڪندين، پر جي شريعت تي نٿو هلين، تہ پوءِ تنهنجو ختنو جهڙو آهي، تهڙو ناهي.


۽ جيڪڏهن ڪن ايمان نہ آندو تہ ڇا ٿيو؟ هنن جي ايمان نہ آڻڻ ڪري خدا جي وفاداري نڪمي ٿي پوندي ڇا؟


۽ جي آئون پنهنجو سڀوئي مال ملڪيت غريبن کي کارائي ڇڏيان، ۽ پنهنجو بدن سڙڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ انهي مان مون کي ڪو فائدو ڪونهي.


آئون اوهان کان فقط ايترو معلوم ڪرڻ ٿو گهُران، تہ پاڪ روح اوهان کي شريعت جي ڪمن ڪري مليو، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ ڪري؟


۽ پاڪ لکيت ۾ اهو اڳيئي ڄاڻايل هو، تہ خدا غير قومن کي ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، تنهنڪري اڳيئي هن اها خوشخبري ابراهيم کي ٻُڌائي تہ ”تنهنجي ڪري سڀ قومون برڪت پائينديون.“


پر اوهين ڄاڻو ٿا تہ پهريون ڀيرو مون اوهان کي جسم جي هيڻائيءَ ۽ ڪمزوريءَ ڪري، خوشخبري ٻُڌائي هئي؛


تنهن هوندي بہ اوهان انهيءَ ڳالهہ ۾ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان نہ آندو،


ڇالاءِ تہ اسان جي خوشخبري اوهان وٽ نہ فقط لفظن ۾ آهي، پر قدرت، ۽ پاڪ روح ۾ پوريءَ خاطريءَ سان آهي؛ جو خبر اٿوَ تہ اوهان جي خاطر اسين اوهان سان ڪيئن هلندا هئاسين.


۽ انهي سبب ڪري اسين بہ هميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي اسان کان خدا جو پيغام مليو، تڏهن اوهان اُهو ماڻهن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي، تيئن خدا جو ڪلام سمجهي قبول ڪيو، ۽ اُهو اوهان ايمان وارن تي اثر ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو ئي فائدو آهي؛ پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي، ڇالاءِ جو حال ۽ استقبال جي حياتيءَ جو واعدو بہ انهي ڳالهہ ۾ آهي.


۽ ايمان کانسواءِ هن کي پسند اچڻ ناممڪن آهي: ڇالاءِ جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنهن کي ايمان آڻڻ گهرجي تہ هو موجود آهي، ۽ جيڪي سندس طالب آهن، تن کي اجر ٿو ڏئي.


اي ڀائرو، سنڀال ڪجو تہ متان اوهان مان ڪنهن جي دل اهڙي خراب ۽ بي ايمان ٿئي جو زندہ خدا کان ڦري وڃي.


تنهنڪري جڏهن اِها ڳالهہ باقي رهيل آهي تہ ڪي انهي آرام ۾ داخل ٿيندا، ۽ جن کي اڳي خوشخبري ٻُڌائي ويئي هئي، سي نافرمانيءَ جي ڪري داخل نہ ٿيا،


تنهنڪري بڇڙائيءَ جي سڀ گندگي ۽ زيادتي ڇڏي، اُهو پوکيل ڪلام تحمل سان قبول ڪريو، جو اوهانجن روحن کي بچائي ٿو سگهي.


۽ مٿن هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ هنن، اهي ڳالهيون پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي خدمت لاءِ ٿي ڪيون، جن جي خبر هاڻي اوهان کي انهن جي معرفت ملي، جن انهي پاڪ روح جي وسيلي، جو آسمان مان موڪليو ويو هو، اوهان کي خوشخبري ٻُڌائي، ۽ ملائڪ بہ انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ