Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 3:2 - Sindhi Bible

2 هو پنهنجي مقرر ڪرڻ واري سان وفادار هو، جيئن ڪ موسيٰ بہ خدا جي گهر ۾ وفادار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 هو هن ڪم لاءِ مقرر ڪرڻ واري ايشور سان ائين وفادار رهيو، جهڙي نموني موسيٰ ايشور جي سڄي گھراڻي ۾ پنهنجي ڪم سان وفادار رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هو هن ڪم لاءِ مقرر ڪرڻ واري خدا سان ائين وفادار رهيو، جهڙي نموني موسيٰ خدا جي سڄي گھراڻي ۾ پنهنجي ڪم سان وفادار رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ھو پنھنجي مقرر ڪرڻ واري سان اھڙو وفادار رھيو، جھڙو موسيٰ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 3:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو موسيٰ ائين ڪيو، يعني جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي ڪيائين.


پر منهنجو ٻانهو موسيٰ اهڙو نہ آهي، هو منهنجي ساري گهر ۾ ايماندار آهي؛


جيڪڏهن اوهين منهنجا حڪم بجا آڻيندا تہ منهنجي پيار ۾ رهندا، جيئن ڪ مون پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آندا آهن، ۽ سندس پيار ۾ قائم آهيان.


جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو، سو مون پورو ڪري زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ڪيو آهي.


جو پاڻو ٿو چوي، سو پنهنجي وڏائي ٿو ڳولي: پر جيڪو انهيءَ جي وڏائي ٿو ڳولي، جنهن کيس موڪليو آهي، سو ئي سچو آهي ۽ منجهس کوٽ ڪونهي.


۽ جنهن موڪليو اٿم سو مون ساڻ آهي؛ هن مون کي اڪيلو ڪين ڇڏيو آهي، ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون کيس وڻندڙ آهن، سي ئي آئون هر دم پيو ڪريان.


۽ اوهين بہ انهيءَ ۾ گڏ جڙندا اڏبا ٿا وڃو، تہ روح جي وسيلي خدا جو گهر ٿيو.


ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح مون اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاري ڇڏيا آهن؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.


آئون انهي جو شڪر ٿو ڪريان، يعني اسان جي خداوند مسيح يسوع جو، جنهن مون کي اهڙي طاقت ڏني، ۽ مون کي ايماندار سمجهي پنهنجي خدمت جي لاءِ مقرر ڪيو؛


پر جي مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ڀلي خبر پويئي تہ خدا جو گهر، يعني زندہ خدا جي ڪليسيا، جا سچ جو ٿنڀ ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ڪهڙيءَ طرح هلت ڪرڻ کپي.


تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.


۽ سموئيل ماڻهن کي چيو، تہ اهو خداوند آهي جنهن موسيٰ ۽ هارون کي مقرر ڪيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ