Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 3:1 - Sindhi Bible

1 تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 تنهنڪري اي پوِتر ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آڪاشي سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين ايشور جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن يسوع تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تنهنڪري اي پاڪ ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين خدا جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 تنھنڪري اي پاڪ ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آھيو، اوھين انھيءَ رسول ۽ وڏي سردار ڪاھن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنھن کي اسين مڃون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 3:1
63 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند قسم کنيو آهي، هو ڦرندو ڪين، تہ تون ملڪ صدق جي طريقي جو هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.


ڍڳو پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ پنهنجي ڌڻيءَ جو آهر ڄاڻي ٿو: پر اسرائيل کي اها بہ خبر ڪانهي، منهنجي قوم ويچار نٿي ڪري.


تہ ڀلي اهي ڏسن، ۽ ڄاڻن، ۽ ويچار ڪن، ۽ گڏجي سمجهن تہ خداوند جي هٿ اهو ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جي قدوس انهي کي پيدا ڪيو آهي.


۽ انهن جي مجلس ۾ بربط ۽ تنبور ۽ دف ۽ بانسري آهن: پر انهن جو خداوند جي ڪم ڏي ڪوبہ ڌيان ڪونهي، نڪي انهن هن جي هٿن جي صفت تي ويچار ڪيو آهي.


تنهنڪري اي آدمزاد، تون مسافريءَ جو سامان تيار ڪر، ۽ هنن جي ڏسندي، ڏينهن ڏٺي جو لڏي وڃ: ۽ تون هنن جي ڏسندي پنهنجي جاءِ تان لڏي ٻي جاءِ تي وڃ: شايد هو سمجهن، جيتوڻيڪ باغي گهراڻي جا آهن.


ڇالاءِ جو هو ويچاري ٿو، ۽ جيڪي گناهہ ڪيا اٿس، تن سڀني کان توبهہ ڪري ٿو، تنهنڪري يقيناً هو جيئرو رهندو ۽ مرندو ڪين.


تنهنڪري هاڻي لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجين راهن تي ويچار ڪريو.


۽ هاڻي آءٌ اوهان کي منٿ ڪري ٿو چوان تہ اوهين اڄ کان وٺي اڳتي، جڏهن خداوند جي هيڪل ۾ اڃا پٿر تي پٿر نہ رکيو ويو، تنهن کان بہ اڳي جو خيال ڪريو:


۽ هميشہ جي زندگي هيءَ آهي، تہ هو تو هڪ سچي خدا کي، ۽ يسوع مسيح، جنهن کي تو موڪليو آهي، تنهن کي سڃاڻن.


تڏهن يسوع وري چين تہ السلام عليڪم: جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آئون بہ اوهان کي ٿو موڪليان.


تڏهن توما کي چيائين تہ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجا هٿ ڏس، ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن ڪري منهنجيءَ پاسريءَ ۾ وجهہ، ۽ بي ايمان نہ ٿيءُ، پر ايمان آڻ.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


پر جي ڪي ٽاريون ڀڃي ڇڏيون ويون، ۽ تون جهنگلي زيتون ٿي انهن ۾ پيوند ڪيو وئين، ۽ زيتون جي وڻ جي سڻڀيءَ رس واريءَ پاڙ ۾ هنن سان شريڪ ٿي وئين؛


هائو، ائين چڱو آهي، ڇو جو هو انهن جا قرضدار بہ آهن، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن غير قومون روحاني برڪتن ۾ ساڻن شريڪ ٿيون آهن، تہ مٿن لازم آهي تہ جسماني برڪتن ۾ هنن جي خدمت ڪن.


ڇالاءِ جو آئون چوان ٿو تہ مسيح خدا جي راستبازيءَ خاطر مختونن جو خادم ٿيو آهي، انهي لاءِ تہ جيڪي واعدا ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا هئا سي پورا ڪري،


يعني اسان تي، جن کي هن نہ فقط يهودين مان، پر غير قومن مان بہ سڏيو آهي.


خدا جي انهي ڪليسيا ڏانهن جا ڪرنٿس ۾ آهي، يعني انهن ڏانهن جي مسيح يسوع ۾ پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ انهي لاءِ سڏيا ويا آهن تہ انهن سڀني سان گڏجي پاڪ ٿين، جي هر ڪنهن هنڌ پنهنجي ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو نالو ٿا وٺن.


جيئن هڪڙي ماني آهي، تيئن اسين جي گهڻا آهيون سي هڪڙو بدن آهيون، ڇالاءِ جو اسين سڀيئي هڪڙيءَ ئي مانيءَ ۾ ڀائيوار ٿا ٿيون.


۽ آئون انجيل جي واسطي سڀ ڪجهہ ٿو ڪريان، تہ انهيءَ جي بخشش ۾ حصيدار ٿيان.


۽ اسان کي اوهان جي لاءِ پڪي اُميد آهي، ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيئن اوهين انهن ڏکن ۾ شريڪ آهيو، تيئن انهي تسلي ۾ بہ شريڪ آهيو.


انهيءَ خدمت سان اوهان جي آزمائش ٿي ٿئي، تہ ڪيئن اوهين مسيح جي خوشخبري قبول ڪري تابعداري ٿا ڏيکاريو، ۽ هنن کي ۽ سڀني کي مدد ڏيئي سخاوت ٿا ڪريو، تنهنڪري هو خدا جي وڏائي ظاهر ٿا ڪن.


يعني هي تہ مسيح يسوع ۾ غير قومون خوشخبريءَ جي وسيلي ميراث ۾ شريڪ، ۽ بدن ۾ شامل، ۽ واعدي جو حصيدار آهن.


تنهنڪري آئون، جو خداوند ۾ قيدي آهيان، سو اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جنهن ڪوٺ سان اوهين ڪوٺيا ويا آهيو، انهي جي لائق هلو،


هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي روح، جيئن ڪ اوهين بہ پنهنجي ڪوٺ وقت هڪڙي ئي اُميد ۾ ڪوٺيا ويا هئا؛


۽ انهي نشان ڏانهن ڪاهيندو ٿو وڃان، انهي لاءِ تہ اهو انعام حاصل ڪريان، جنهن لاءِ خدا مون کي مسيح يسوع ۾ اعليٰ درجي تي سڏيو آهي.


۽ پيءُ جا شڪرانا ڪندا رهو، جنهن اسان کي انهي لائق ڪيو تہ روشنيءَ ۾ پاڪ ٿيلن سان گڏ ورثي جا حصيدار ٿيون.


جي اڳي کانئس ڇڄي ڌار ٿي پيا هئا، ۽ پنهنجن بڇڙن ڪمن جي ڪري پنهنجيءَ دل ۾ دشمن ٿي پيا هئا، تن کي بہ هاڻي پنهنجي جسماني بدن ۾، موت جي وسيلي آڻي ملايو اٿس، انهي لاءِ تہ هو اوهان کي پاڪ، ۽ بي عيب، ۽ بي ڏوهہ بنائي، پنهنجي حضور ۾ حاضر ڪري؛


تنهنڪري جيئن خدا جا چونڊيل ۽ پاڪ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ ۽ مهربانيءَ ۽ نماڻائيءَ ۽ حليمائيءَ ۽ تحمل جو جامو پهريو؛


انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي لائق هلت چلت ڪريو؛ جو اوهان کي پنهنجيءَ بادشاهت ۽ جلال ۾ سڏي ٿو.


خداوند جو قسم ڏيئي چوان ٿو تہ هي خط سڀني ڀائرن کي پڙهي ٻُڌائجو.


انهي مطلب لاءِ اسين بہ هميشہ اوهان لاءِ دعا پيا گهُرون، تہ شل اسان جو خدا اوهان کي پنهنجي ڪوٺ جي لائق سمجهي، ۽ نيڪيءَ جي سڀ ڪا خواهش، ۽ ايمان جو سڀ ڪو ڪم قدرت سان پورو ڪري؛


انهي لاءِ ئي هن اوهان کي اسان جي خوشخبريءَ جي وسيلي سڏيو، تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جو جلال حاصل ڪريو.


ايمان جي چڱي جنگ ڪر، هميشہ جي زندگيءَ تي قبضو ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هُئين، ۽ گهڻن شاهدن جي روبرو چڱو اقرار ڪيو هوءِ.


۽ جن جا مالڪ ايمان وارا آهن، تن کي هو نہ ڌڪارين، ڇو جو اُهي بہ ڀائر آهن؛ بلڪ انهن کي گهرجي تہ سندن بهتر خدمت ڪن، ڇالاءِ تہ جن کي (خدمت جو) فائدو ٿو ملي، سي ايمان وارا ۽ پيارا آهن. انهن ڳالهين جي تون تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.


جنهن اسان کي نجات ڏني ۽ پاڪ سڏ سان سڏيو، نہ اسانجن ڪمن موجب، پر پنهنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب، جو فضل هن مسيح يسوع ۾ ازل کان اسان تي نازل ڪيو،


جيڪي آئون چوان ٿو، تنهن تي غور ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي سڀني ڳالهين جي سمجهہ ڏيندو.


تنهنڪري، اي ڀائرو، جڏهن اسان کي يسوع جي رت جي وسيلي اُنهيءَ پاڪ جاءِ ۾ داخل ٿيڻ جي همت ٿي آهي،


۽ جڏهن اسان جو اهڙو وڏو ڪاهن آهي جنهن کي خدا جي گهر تي اختيار آهي؛


اچو تہ پنهنجيءَ اُميد جي اقرار کي اهڙو سوگهو ڪري جهليون جو انهيءَ کي لوڏو نہ اچي؛ ڇالاءِ جو جنهن واعدو ڪيو آهي سو سچو آهي.


پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ هن نصيحت جي ڪلام جي برداشت ڪريو: ڇالاءِ جو مون اوهان ڏانهن مختصر طور لکيو آهي.


هن ڪري جو جيڪو پاڪ ڪري ٿو ۽ جيڪي پاڪ ٿين ٿا، سي سڀ هڪ مان ئي آهن؛ انهيءَ سبب ڪري هو انهن کي ڀاءُ ڪري سڏڻ کان نٿو شرمائي.


تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.


اي ڀائرو، سنڀال ڪجو تہ متان اوهان مان ڪنهن جي دل اهڙي خراب ۽ بي ايمان ٿئي جو زندہ خدا کان ڦري وڃي.


ڇالاءِ جو اسين مسيح ۾ شريڪ ٿيا آهيون، بشرطيڪ جيڪو يقين اسان کي شروع ۾ هو، تنهن تي توڙ تائين وفاداريءَ سان قائم رهندا اچون؛


جتي يسوع اسان جي خاطر، هميشہ جي لاءِ ملڪ صدق جي طريقي موجب سردار ڪاهن ٿي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آهي.


ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي،


هاڻي شريعت تہ انهن ماڻهن کي سردار ڪاهن مقرر ٿي ڪيو، جي ڪمزور آهن؛ پر شريعت کانپوءِ جيڪو قسم وارو ڪلام ٿيو، سو انهي فرزند کي مقرر ٿو ڪري، جو هميشہ جي لاءِ ڪامل ڪيو ويو آهي.


پر جڏهن مسيح آيو، ۽ انهن چڱين نعمتن جو سردار ڪاهن ظاهر ٿيو، جي اچي پهتيون آهن، تڏهن اهڙي تنبوءَ جي رستي داخل ٿيو جو وڏو ۽ ڪامل آهي، ۽ جو نہ هٿن جو جوڙيل ۽ نہ هن جهان جو آهي،


۽ انهي ڪري هو نئين عهد جو درمياني آهي، تہ پهرئين عهد جي زماني ۾ جيڪي قصور ٿيا هئا تن جي معافيءَ لاءِ، اُهو موت جو هن سَٺو، تنهن جي وسيلي، جي ماڻهو سڏيل آهن، سي واعدي موجب هميشہ جو ورثو حاصل ڪن.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


ڇالاءِ جو اڳئين زماني ۾ بہ پاڪ زالون، جن جي اُميد خدا تي هئي، سي انهيءَ طرح پنهنجن مڙسن جي تابع رهي، پاڻ کي سينگارينديون هيون:


تنهنڪري اوهان ۾ جيڪي بزرگ آهن، تن کي آئون نصيحت ٿو ڪريان، جو آئون بہ اُنهن منجهان هڪڙو ۽ مسيح جي ڏکن جو شاهد آهيان، ۽ جيڪو جلال ظاهر ٿيڻ وارو آهي، تنهن ۾ بہ شريڪ آهيان؛


خدا، جو ساري فضل جو چشمو آهي، جنهن اوهان کي مسيح ۾ پنهنجي ابدي جلال جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سهڻ کانپوءِ اوهان کي ڪامل، ۽ قائم، ۽ مضبوط ڪندو.


جيڪي اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، سو اوهان کي بہ ٻُڌايون ٿا، تہ اوهين بہ اسان سان شريڪ ٿيو: ۽ اسان جي شراڪت پيءُ سان، ۽ سندس فرزند يسوع مسيح سان آهي.


يهوداهہ، جو يسوع مسيح جو غلام ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهي، تنهن جي طرفان انهن ڏانهن جيڪي سڏيل، ۽ خدا پيءُ جا پيارا، ۽ يسوع مسيح لاءِ حفاظت ۾ رکيل آهن،


اُهي گهيٽي سان جنگ ڪندا، ۽ گهيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ جو هو خداوندن جو خداوند، ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي؛ ۽ جيڪي سڏيل، ۽ چونڊيل، ۽ ايماندار هن سان آهن سي بہ غالب پوندا.


اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ