Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 2:9 - Sindhi Bible

9 پر اسين يسوع کي ٿا ڏسون، جو خدا جي فضل سان هر ڪنهن ماڻهوءَ جي لاءِ موت جو سواد چکڻ جي واسطي، ملائڪن کان ٿورو گهٽ ڪيو ويو، ۽ موت جو عذاب سهڻ ڪري جلال ۽ عزت جو تاج پهرايو ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 پر اسين يسوع کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”دوتن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو ايشور جي ڪرپا سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”مان‌سمان ۽ مهانتا وارو تاج“ پارايو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو خدا جي فضل سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”عزت ۽ عظمت وارو تاج“ پارايو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 مگر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنھن کي موت سھڻ ڪري عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو ويو آھي. ھن کي ملائڪن کان انھيءَ ڪري ٿورڙو گھٽ ڪيو ويو ھو، تہ جيئن ھو خدا جي فضل سان ھر انسان لاءِ موت جو مزو چکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 2:9
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين.


۽ يسيءَ جي ٿُڙ مان هڪڙو ڏار نڪرندو، ۽ ان جي پاڙن مان ڦر نڪرندو:


تنهن ڪري خداوند پاڻ اوهان کي هڪڙو نشان ڏيندو؛ ڏسو، هڪڙي ڪنواري زال پيٽ سان ٿيندي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيندي، ۽ انهيءَ جو نالو عمانوايل رکندي.


۽ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن، تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين ابن آدم کي سندس بادشاهت ۾ ايندو نہ ڏسندا، تيسين موت جو مزو نہ چکندا.


۽ اوهين ڪپڙن جو فڪر ڇو ٿا ڪريو؟ جهنگ جا گل سوسن جاچي ڏسو، تہ ڪيئن ٿا اُڀرن، اُهي نڪي پورهيو ڪن، نڪي ڪَتين.


۽ هن کين چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين خدا جي بادشاهت کي قدرت سان آيل نہ ڏسندا، تيسين ڪنهن بہ طرح موت جو مزو نہ چکندا.


پر آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هت بيٺا آهن تن مان ڪي، جيستائين خدا جي بادشاهت کي نہ ڏسن، تيستائين ڪنهن بہ طرح موت جو مزو نہ چکندا.


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


پيءُ جو مون کي پيار ٿو ڪري، سو انهيءَ لاءِ جو آئون پنهنجي جان ٿو ڏيان، تہ اُها وري وٺان.


۽ جيڪڏهن آئون زمين کان مٿي چاڙهيو ويندس، تہ سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندس.


ڇالاءِ جو خدا جهان کي اهڙو پيار ڪيو، جو پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنائين، تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي، سو برباد نہ ٿئي، پر کيس هميشہ جي زندگي ملي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، تہ اُهو موت اصل ئي ڪين ڏسندو.


يهودين چيس تہ هاڻي اسان سمجهيو تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو، ۽ نبي مري ويا، ۽ تون ٿو چئين تہ جيڪو منهنجي ڪلام تي هلندو، سو موت جو مزو اصل نہ چکندو.


هن کي خدا پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، ۽ جيئن پيءُ اڳيئي واعدو ڪيو هوس، تيئن کيس پاڪ روح مليو، جو هن نازل ڪيو آهي، تنهنڪري هي اوهين ڏسو ۽ ٻُڌو ٿا.


ابراهيم، ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا، پنهنجي بندي يسوع کي جلال بخشيو، جنهن کي اوهان جهلايو، ۽ جڏهن پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن سندس اڳيان انڪاري ٿيا.


انهي ڪري جيئن هڪڙي ڏوهہ جي سبب اها فتويٰ ملي، جنهن ڪري سڀني ماڻهن تي سزا جو حڪم جاري ٿيو؛ تيئن راستبازيءَ جي هڪڙي ڪم سبب فضل جي بخشش ملي، تہ سڀيئي ماڻهو راستباز ٺهرايا وڃن ۽ زندگي حاصل ڪن.


پر خدا پنهنجي پيار جي خوبي هن طرح اسان تي ظاهر ٿو ڪري، جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تڏهن مسيح اسان جي خاطر مُئو.


هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:


جنهن خود پنهنجي ئي فرزند کي اسان کان وانجهي نہ رکيو، پر اسان سڀني جي لاءِ هن کي موت جي حوالي ڪيائين، سو ڀلا ساڻس گڏ اسان کي سڀ شيون ڪيئن نہ بخشي ڏيندو؟


۽ هو سڀني جي لاءِ مُئو تہ جيڪي جيئرا آهن سي اڳتي پنهنجي لاءِ نہ، پر انهي جي لاءِ جيئن، جو سندن واسطي مُئو ۽ وري جي اُٿيو.


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


پر جڏهن وقت اچي پورو ٿيو، تڏهن خدا پنهنجو فرزند موڪليو، جو زال مان پيدا ٿيو، ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو،


جنهن پاڻ کي سڀني جي لاءِ قربان ڪري ڏيئي ڇڏيو، تہ مناسب وقتن تي اها شاهدي ڏني وڃي.


تو راستبازيءَ سان محبت ۽ بديءَ سان عداوت رکي؛ تنهنڪري خدا، يعني تنهنجي خدا، توکي خوشيءَ جي تيل سان تنهنجن سنگتين کان وڌيڪ مسح ڪيو.“


تنهنڪري دنيا ۾ اچڻ مهل هو هيئن ٿو چوي، تہ ”قرباني ۽ نذراني کي تو پسند نہ ڪيو، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو بدن تيار ڪيو آهي،


ايمان ئي جي ڪري حنوڪ مٿي کنيو ويو تہ موت نہ ڏسي؛ ۽ هن جو پتو ڪونہ پيو، ڇالاءِ جو خدا کڻي ورتس: هن ڪري جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳي سندس نسبت ۾ اها شاهدي ڏني ويئي، تہ هو خدا کي پسند آيو آهي.


۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.


تو هن کي ملائڪن کان ٿورو گهٽ ڪيو؛ تو هن تي جلال ۽ عزت جو تاج رکيو؛ ۽ پنهنجي هٿ جي ڪاريگريءَ جي مٿان مقرر ڪيو؛


تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.


ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن نذرن توڙي قربانين جي چاڙهڻ لاءِ مقرر ٿيندو آهي: انهي ڪري ضرور آهي تہ هن سردار ڪاهن کي بہ چاڙهڻ جي لاءِ ڪي ڪجهہ هجي.


هن جي وسيلي اوهان خدا تي ايمان آندو آهي، جنهن هن کي مُئلن مان جياريو ۽ جلال ڏنائينس؛ انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي هجي.


۽ اهو ئي اسانجن گناهن جو ڪفارو آهي؛ ۽ نہ رڳو اسانجن گناهن جو، پر ساري دنيا جي گناهن جو.


۽ هن جون اکيون باهہ جا شعلا آهن، ۽ هن جي مٿي تي گهڻا تاج آهن، ۽ هن جو هڪڙو نالو لکيل آهي، جو انهي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي.


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ