Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 2:6 - Sindhi Bible

6 پر ڪنهن هنڌ شاهدي ڏني ويئي آهي، تہ ”انسان ڇا آهي جو تون هن جو خيال ٿو ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جو فڪر ٿو ڪرين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 ڏسو، پوِتر شاستر ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي تہ ”اي ايشور! انسان ڇا آهي، جو تون هن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جي چنتا ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي تہ ”اي خدا! انسان ڇا آهي، جو تون هن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جو فڪر ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پر پاڪ ڪلام ۾ ڪنھن شاھدي ڏني آھي تہ ”انسان ڇا آھي، جو تون ھن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آھي، جو تون ھن جو فڪر ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 2:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نيٺ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان: پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي، انهيءَ ملڪ ۾ نيندو: جنهن جو هن ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.


ماڻهو ڇا آهي جو پاڪ رهي سگهي؟ ۽ جيڪو زال جي پيٽ مان ڄاول آهي سو ڪو سچو ٿي سگهندو ڇا؟


تڏهن انسان، جو ڪينئون آهي، ۽ آدمزاد، جو فقط ڪينئون آهي سو ڪيترو نہ گهٽ!


اي خداوند انسان ڇا آهي جو تون انهي جي سار ٿو لهين؟ يا آدم زاد ڪير آهي جو تون انهي جو ليکو ٿو ڪرين؟


سڀ قومون هن جي اڳيان ڪين جهڙيون آهن؛ اهي هن جي نظر ۾ ڪين کان بہ گهٽ، بلڪ بي بقا آهن.


آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛


”سڳورو هجي خداوند اسرائيل جو خدا، ڇوتہ هن پنهنجي اُمت تي نظر ڪري اُن کي نجات ڏني آهي.


هي اسان جي خدا جي رحمدليءَ ڪري ٿيندو، جنهنڪري پرهہ ڦٽيءَ جو سوجهرو آسمان مان اسان کي ڏيکاري ڏيندو،


۽ سڀني کي ڊپ وٺي ويو، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ۾ هڪڙو وڏو نبي جاڳيو آهي: ۽ خدا پنهنجي اُمت تي نظر ڪئي آهي.


۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ نسبت ۾ پنهنجي ڀاءُ سان زيادتي نہ ڪري، ۽ نڪي ساڻس ٺڳي ڪري، ڇالاءِ جو خداوند انهن سڀني ڳالهين جو بدلو ڏيندو، جيئن ڪ اسان اڳي بہ اوهان کي چتايو آهي.


ڇالاءِ جو هن ڪنهن هنڌ ستين ڏينهن بابت هيئن چيو آهي، تہ ”خدا پنهنجا سڀيئي ڪم پورا ڪري ستين ڏينهن آرام ڪيو.“


جيئن ڪ ٻئي هنڌ بہ چيل آهي، تہ ”تون ملڪ صدق جي طريقي جو هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.“


۽ پڇا ڪيائون تہ ڪهڙي شخص يا زماني ڏانهن، مسيح جو روح جو منجهن هو، اشارو ٿو ڪري تہ مسيح ڏک سهندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ