Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 2:18 - Sindhi Bible

18 ڇو جو جڏهن هو پاڻ آزمايو ويو ۽ ڏک سَٺائين، تڏهن ٻيا جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا، تن جي بہ مدد ڪري ٿو سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 هاڻ جيئن تہ يسوع مسيح آزمائش ۾ پئي پاڻ تڪليفون سٺيون، تنهنڪري هو انهن جي مدد ڪري سگھي ٿو جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هاڻ جيئن تہ عيسيٰ مسيح آزمائش ۾ پئي پاڻ تڪليفون سٺيون، تنهنڪري هو انهن جي مدد ڪري سگھي ٿو جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ڇالاءِ⁠جو جڏھن مٿس آزمائش پئي تہ ھن پاڻ ڏک سَٺا، تنھنڪري ھو انھن جي بہ مدد ڪري سگھي ٿو جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 2:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان تي ڪا اهڙي آزمائش ڪانہ اچي پيئي آهي جا انسان سهي نہ سگهي: پر خدا سچو آهي، ۽ جيترو اوهين سهي ٿا سگهو تنهن کان وڌيڪ آزمائش ۾ اوهان کي پوڻ ڪين ڏيندو، پر آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو، تہ اُها اوهين برداشت ڪري سگهو.


هاڻي جيڪو اوهان کي گمراهہ ٿيڻ کان بچائي ٿو سگهي ۽ نهايت خوشيءَ سان پنهنجي ازلي حضور ۾ بي عيب ڪري بيهاري ٿو سگهي،


اُهو جاهلن ۽ گمراهہ ٿيلن سان نرميءَ جي هلت ڪري ٿو سگهي، ڇالاءِ جو هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ کان آجو نہ آهي.


ڇالاءِ جو تو منهنجي صبر جي ڪلام تي عمل ڪيو، تنهنڪري آئون بہ توکي آزمائش جي گهڙيءَ کان بچائيندس، اُها گهڙي جا زمين تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جهان تي اچڻي آهي.


(تڏهن ثابت آهي تہ) خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندار کي آزمائش کان ڪيئن ڇڏائجي، ۽ بي دينن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي.


۽ انهي سبب ڪري آئون هي ڏک بہ ٿو سهان. تڏهن بہ آئون شرمايان نٿو، ڇالاءِ جو جنهن تي منهنجو ايمان آهي، تنهن کي آئون سڃاڻان ٿو، ۽ مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو انهي ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگهي.


منهنجو پيءُ جنهن اُهي مون کي ڏنيون آهن، سو سڀني کان وڏو آهي؛ ۽ ڪنهن کي بہ اها طاقت ڪانهي تہ پيءُ جي هٿ مان اُهي کسي سگهي.


جڏهن آئون هر روز اوهان سان هيڪل ۾ هوندو هوس، تڏهن اوهان مون کي هٿ ئي ڪونہ لاتو، پر هينئر اوهان جي گهڙي آهي، ۽ اونداهيءَ جو زور آهي.


تہ جنهن قدرت جي اثر سان هو سڀ شيون پنهنجي تابع ڪري سگهي ٿو، تنهن سان اسان جي حقير بدن کي بدلائي پنهنجي جلال واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.


پر اوهين اُهي آهيو جي منهنجين آزمائشن ۾ مون سان گڏ رهندا آيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ