Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 2:1 - Sindhi Bible

1 تنهنڪري جيڪي ڳالهيون ٻُڌيون اٿئون، تن تي اسان کي زيادہ ڌيان ڏيڻ گهرجي، تہ متان انهن کان پري ڇڪجي وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 تنهنڪري لازمي آهي تہ يسوع بابت جيڪي ڳالهيون اسان ٻڌيون آهن، تن تي اسين وڌيڪ ڌيان ڏيون، انهيءَ لاءِ تہ متان لڙهي انهن کان پري نڪري نہ وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تنهنڪري لازمي آهي تہ عيسيٰ بابت جيڪي ڳالهيون اسان ٻڌيون آهن، تن تي اسين وڌيڪ ڌيان ڏيون، انهيءَ لاءِ تہ متان لڙهي انهن کان پري نڪري نہ وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 تنھنڪري جيڪي ڳالھيون اسان ٻڌيون آھن، تن تي اسان کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان لڙھي انھن کان پري نڪري نہ وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 2:1
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جي تون انهن قانونن ۽ فيصلن جي سنڀال ڪندين جن سان خداوند موسيٰ جي معرفت اسرائيل جي هدايت ڪئي، تہ تون ڪامياب ٿيندين: مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت جهل، ڊڄ نہ، نڪي هراس ۾ پئُہ.


ب جوان ماڻهو ڀلا ڪهڙيءَ طرح پنهنجي چال صاف رکندو؟ تنهنجي ڪلام موجب انهي جي خبرداري ڪرڻ سان.


اي منهنجا پٽ، انهن کي پنهنجين اکين کان پري وڃڻ نہ ڏي؛ پوري ڏاهپ ۽ سياڻپ جي سنڀال رکج؛


ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ ڪسدين کي، جا ڪَرڙي ۽ اُٻري قوم آهي، اُٿاري کڙو ڪندس: جي سڄي زمين تي هلن ٿا ۽ اُهي جايون هٿ ٿا ڪن جي سندن ناهن.


تون وڏائيءَ جي بدلي شرم سان ڀريل آهين: تون بہ پي اڻ طهريل جهڙو ٿيءُ: خداوند جي ساڄي هٿ وارو پيالو تو ڏي ڦيرايو ويندو، ۽ تنهنجي وڏائي ڦري خراب خواري ٿي پوندي.


اڃا سمجهہ نٿي پئيوَ، ۽ اُهي پنجن هزارن ماڻهن واريون پنج مانيون اوهان کي ياد ڪينهن؟ ۽ اوهان ڪيتريون کاريون ڀري کنيون؟


اکين هوندي بہ نٿا ڏسو ڇا؟ ۽ ڪنن هوندي بہ نٿا ٻڌو ڇا؟ ۽ ياد نٿو پويوَ ڇا؟


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا سي اُهي آهن، جي ڪلام ٻڌي سچيءَ ۽ سالم دل ۾ اُن کي سانڍيو رکن ٿا، ۽ صبر سان ڦل پيا اُپائين.


هي ڳالهيون پنهنجين دلين ۾ ڄمائي ڇڏيو، تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.


تنهن تي کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ هنن پهڻ کنيا: پر يسوع پاڻ کي کڻي لڪايو، ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


اوهين پنهنجي سنڀال ڪجو، متان جيڪو عهد خداوند اوهان جي خدا اوهان سان ڪيو آهي، سو اوهين وساري ڇڏيو، ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي نموني جي اُڪريل شڪل جوڙيو، جنهن جي خداوند تنهنجي خدا توکي منع ڪئي آهي.


رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛


۽ اوهان اُها نصيحت وساري ڇڏي آهي جا پٽن وانگر اوهان کي ڪئي ويئي هئي، تہ ”اي منهنجا فرزند، خداوند جي سيکت کي ڪين جهڙو نہ ڄاڻ، جڏهن اهو تو کي ڇينڀي، تڏهن دل نہ لاهہ؛


۽ آئون اها ئي ڪوشش ڪندس تہ منهنجي لاڏاڻي کانپوءِ اوهين هر وقت اهي ڳالهيون ياد رکي سگهو.


اي پيارو، هاڻي آئون اوهان کي هي ٻيو خط ٿو لکان، ۽ انهن ٻنهي ۾ اوهان کي يادگيري ڏياري، اوهان جي سچيءَ دل کي هوشيار ٿو ڪريان؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ