Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 13:9 - Sindhi Bible

9 جدا جدا قسم جي ۽ ڌارين تعليمن تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو: ڇالاءِ جو فضل جي وسيلي دل کي قائم رکڻ چڱو آهي، نہ انهن طعامن جي وسيلي جن جي کائڻ وارن کي فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 جدا جدا قسمن جي عجيب سکيا تي لڳي ڀَٽڪي نہ وڃو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي ايشور جي ڪرپا جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي خدا جي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراھہ نہ ٿيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان جي لاءِ اھو چڱو آھي تہ دلين کي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي انھن رسمي کاڌن جي وسيلي، جن مان انھن جي کائڻ وارن کي ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 13:9
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي دل قائم آهي، تنهن ڪري هو ڪين ڊڄندو، ايترو جو هو پنهنجي دشمنن کي ڏسي وٺندو.


ڇالاءِ جو ڪوڙا مسيح، ۽ ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ وڏيون نشانيون ۽ عجب ڪم ڏيکاريندا؛ انهي لاءِ تہ جي ٿي سگهي تہ اُنهن چونڊيلن کي گمراهہ ڪن.


۽ يسوع ورندي ڏيئي هنن کي چيو، تہ خبردار ٿجو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ ڪري.


پر تازي رس نوَن ساندارن ۾ ڀربي آهي.


۽ خود اوهان منجهان ئي اهڙا ماڻهو نڪرندا، جي شاگردن کي پنهنجي پاسي آڻڻ لاءِ اُبتيون اُبتيون ڳالهيون ڪندا.


۽ هاڻي آئون اوهان کي خدا ۽ سندس فضل واري ڪلام جي سپرد ٿو ڪريان، جنهن کي قدرت آهي تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ جي پاڪ ٿيل آهن، تن سڀني سان گڏ ورثو ڏئي.


ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت کائڻ پيئڻ تي منحصر نہ آهي، پر راستبازي، ۽ ميل ميلاپ، ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻَڌل آهي جا پاڪ روح جي طرفان آهي.


هڪڙي ماڻهوءَ جو اهو اعتقاد آهي تہ هرڪا شيءِ کائڻ روا آهي، پر جنهن جو ايمان ڪمزور آهي سو ڀاڄي ٿو کائي.


جيڪو ڪنهن ڏينهن کي سڳورو ٿو سمجهي سو خداوند جي ڪري ائين سمجهي ٿو: ۽ جيڪو کائي ٿو سو خداوند جي خاطر ٿو کائي، ڇالاءِ جو خدا جو شڪر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو نٿو کائي سو بہ خدا جي خاطر نٿو کائي، ۽ خدا جو شڪر ٿو ڪري.


کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ، پر خدا ٻنهي کي چٽ ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ جي لاءِ ڪينهي پر خداوند جي لاءِ آهي، ۽ خداوند بدن جي لاءِ آهي.


پر کاڌو خدا وٽ اسان جي سفارش ڪانہ ڪندو، نڪي جي نہ کائينداسين تہ اسان کي ڪو نقصان پهچندو، نڪي جي کائينداسين تہ اسان کي ڪو فائدو ٿيندو.


هاڻي جيڪو اسان کي اوهان سان گڏ مسيح ۾ قائم ٿو ڪري، ۽ جنهن اسان کي مسح ڪيو سو خدا آهي؛


اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو.


تہ اڳتي اسين ٻار نہ رهون، ۽ ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراهہ ڪندڙ منصوبن ۾ ڦاسي، هر ڪنهن قسم جي تعليم جي جهُوٽن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نہ اُڇلجون، ۽ گهلجي نہ وڃون؛


متان ڪو ماڻهو اوهان کي اجاين ڳالهين ڪرڻ سان ٺڳي وڃي، ڇالاءِ جو اهڙن گناهن ڪري نافرمانيءَ جي فرزندن تي خدا جو غضب نازل ٿو ٿئي.


اهو آئون انهي ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري اوهان کي ڀُلائي،


سو اوهان جي دلين کي تسلي ڏئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۽ ڪلام ۾ مضبوط ڪري.


تہ روح، يا ڪلام، يا خط جي ڪري جو اسان وٽان آيل سمجهو، اوهين پنهنجن خيالن ۾ ڊانوان ڊول نہ ٿيو، نڪي پريشان ٿيو، جو ڄڻ تہ خداوند جو ڏينهن هاڻي اچي پهتو آهي.


اي تيمٿيس، انهيءَ امانت کي سنڀالي رک، ۽ جنهن علم کي علم چوڻ ئي غلط آهي، تنهن جي اجائي بَڪ بَڪ ۽ اعتراض کان پاسو ڪر؛


اي پيارو، سڀ ڪنهن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ خدا جي طرفان آهن يا نہ. ڇالاءِ جو گهڻا ئي ڪوڙا نبي دنيا ۾ نڪري پيا آهن.


هي جڏهن اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا، تڏهن اوهان جي محبت جي مجلسن ۾ لڪل ڇپون آهن، ۽ بنا ڊپ ڊاءَ جي پنهنجي پيٽ ڀرڻ وارا ڌنار آهن؛ ۽ بي پاڻيءَ ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. سرءُ جي موسم جا وڻ آهن جن ۾ ڦل ڪونهي، ۽ اصل ئي سُڪل ۽ پاڙون پٽيل آهن.


اي پيارو، جڏهن مون اوهان ڏانهن اُنهيءَ نجات بابت لکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ اسين سڀيئي شريڪ آهيون، تڏهن مون ضروري سمجهيو تہ اوهان کي اها نصيحت ڪريان تہ جيڪو ايمان هڪ ئي ڀيري پاڪ ٿيلن کي سونپيو ويو، تنهن جي لاءِ ڏاڍي جانفشاني ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ