Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 13:2 - Sindhi Bible

2 مهمان نوازي ڪرڻ کان غافل نہ رهو؛ ڇالاءِ جو انهي ڪري ڪن بي خبريءَ ۾ ملائڪن جي مهمانداري ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ دوتن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ملائڪن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪندا رھو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان ڪن ماڻھن بي⁠خبريءَ ۾ ملائڪن جي مھمانداري ڪئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 13:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري ٻنپهرن جي وقت جڏهن هو پنهنجي تنبوءَ جي در وٽ ويٺو هو، تڏهن ممريءَ جي شاہ بلوطن ۾ خداوند کيس ڏيکاري ڏني.


پوءِ اهي ٻئي فرشتا شام جي وقت سدوم ۾ آيا ۽ لوط سدوم جي منڊيءَ ۾ ويٺو هو؛ جڏهن لوط هنن کي ڏٺو، تڏهن کين گڏجڻ لاءِ اُٿيو ۽ جهڪي سجدو ڪيائين؛


۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ اليشع لنگهي شونيم ڏي ويو، جتي هڪڙي امير زال رهندي هئي؛ ۽ هن زور ڪيس تہ ماني کاءُ. ۽ ائين ئي ٿيو، تہ جڏهن ڪڏهن هو اُتان لنگهندو هو تڏهن ڦري اچي اُتي ماني کائيندو هو.


جيڪڏهن ڪپڙن نہ هئڻ ڪري ڪنهن کي مرندو ڏٺو اٿم، يا جي ڪنهن محتاج کي ڪنهن بہ ڪپڙي کان سواءِ ڏٺو اٿم؛


پرديسي گهٽيءَ ۾ نہ ٽڪيو؛ پر مون پنهنجا در پٽي مسافر کي اندر آندو؛


اهو روزو ناهي ڇا تہ تون پنهنجي ماني بکين کي ڏين، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گهر وٺي اچين؟ ۽ جڏهن ڪو اُگهاڙو ڏسين تہ انهي کي ڪپڙا ڍڪائين؛ ۽ پنهنجي هم جنس کان منهن نہ لڪائين؟


جيڪو پرديسي اوهان منجهہ اچي رهي، سو اوهان ۾ ملڪي ماڻهوءَ جهڙو آهي، ۽ تون انهي کي پاڻ جهڙو پيار ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


ڇالاءِ جو آئون بکايل هوس ۽ اوهان مون کي کاڌو ڏنو: آئون اُڃايل هوس، ۽ اوهان مون کي پاڻي پياريو: آئون پرديسي هوس، اوهان مون کي جاءِ ڏني:


۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.


آئون پرديسي هوس پر اوهان مون کي جاءِ نہ ڏني؛ اُگهاڙو هوس پر اوهان مون کي ڪپڙو نہ ڍڪايو؛ بيمار ۽ قيد ۾ هوس پر اوهين مون وٽ پير ڀري نہ آيا.


۽ جڏهن انهيءَ، توڙي سندس گهر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿ ڪري چوڻ لڳي تہ جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند جي ايماندار بندي ڪري ٿا سمجهو، تہ منهنجي گهر هلي رهو. ۽ زور ڪري اسان کي وٺي ويئي.


پاڪ ٿيلن جون احتياجون رفع ڪريو؛ مهمان نوازيءَ جا عادتي ٿيو.


منهنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مهماندار گيس اوهان کي سلام ٿو ڏئي. ارستس، شهر جو خزانچي ۽ ڪوارتس اسان جو ڀاءُ، اوهان کي سلام ٿا ڏين.


تنهنڪري نگهبان کي گهرجي تہ بنا الزام هڪڙيءَ زال جو مڙس، پرهيزگار، سنجيدو، باقاعدي هلڻ وارو، مهمان نواز، تعليم ڏيڻ ۾ ماهر؛


جا چڱن ڪمن جي ڪري مشهور هجي؛ ٻارن کي پاليو هجيس، مسافرن جي مهمان نوازي ڪئي هجيس، پاڪ ٿيلن جا پير ڌوتا هجنس، ڏکويلن جي مدد ڪئي هجيس، سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سعيي سان لڳي هجي.


پر مهمان نواز، نيڪيءَ جو طالب، سالم دل وارو، منصف مزاج، پاڪ، پرهيزگار؛


ڪُرڪڻ کانسواءِ هڪٻئي جي مهمان نوازي ڪريو.


اي پيارا، جيڪي ڀائر تو وٽ مسافر طور ٿا اچن، تن کي جيتوڻيڪ تون سڃاڻين ڪونہ، تہ بہ جيڪي تون ڪرين ٿو سو ايمان جو ڪم آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ