Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 12:2 - Sindhi Bible

2 ۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين يسوع تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي وشواس جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري سوليءَ جي تڪليف سٺي ۽ ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 12:2
78 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي آءٌ، سو خداوند ڏي نهاريندس؛ آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي لاءِ منتظر ٿي ويهندس: منهنجو خدا منهنجي ٻڌندو.


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


هو سندس جلال جو جلوو ۽ خود سندس ذات جو نقش ٿي، سڀني شين کي پنهنجي قدرت جي ڪلام سان سنڀالي ٿو، ۽ گناهن کي ڌوئي صاف ڪري، قادر مطلق جي ساڄي پاسي بالا عالم ۾ وڃي ويٺو؛


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


۽ مون کي انهيءَ ڳالهہ جي خاطري آهي تہ جنهن اوهان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آهي، سو انهي کي يسوع مسيح جي ڏينهن تائين پورو ڪندو؛


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.


ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ جي هيءَ مرضي آهي، تہ هرهڪ جو پٽ کي ڏسي ٿو، ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي هميشہ جي زندگي ملي؛ ۽ آئون پوئين ڏينهن هن کي جياري اُٿاريندس.


هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.


پر خدا انهي کي مالڪ ۽ نجات ڏيندڙ ٿيڻ لاءِ پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، انهي لاءِ تہ اسرائيل کي توبهہ جي توفيق ۽ گناهن جي معافي بخشي.


ڇا مسيح کي ضرور ڪين هو تہ هي ڏک سهي، ۽ پوءِ پنهنجي جلال ۾ گهڙي؟


هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو.


اي زمين جا رهاڪو اوهين سڀ مون ڏانهن نهاريو ۽ نجات حاصل ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي.


۽ پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو، ۽ هميشہ جي زندگيءَ لاءِ اسان جي خداوند يسوع مسيح جي رحم جا منتظر رهو.


هاڻي جيڪي ڳالهيون اسين پيا چئون، تن جو خاص مطلب هي آهي: تہ اسان جو سردار ڪاهن اهڙو آهي جو آسمانن تي قادر مطلق جي تخت جي ساڄي پاسي ويٺو آهي،


هن کان پوءِ منهنجي لاءِ راستبازيءَ جو تاج تيار رکيو آهي، جو عادل منصف يعني خداوند انهي ڏينهن مون کي ڏيندو: ۽ نہ رڳو مون کي پر انهن سڀني کي جي سندس ظهور جا مشتاق آهن.


ڇالاءِ جو اسان جو وطن آسمان ۾ آهي؛ جتان اسين هڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند يسوع مسيح جي انتظار ۾ آهيون:


۽ چيائين، تہ اي ابا، اي پيءُ، تون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهين؛ هي پيالو مون تان ٽار، اِنهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.


۽ آءٌ خداوند جي لاءِ منتظر رهندس، جو يعقوب جي گهراڻي کان پنهنجو منهن لڪائي ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي واٽ نهاريندس.


۽ سمرنہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جيڪو اول ۽ آخر آهي، ۽ جو مري ويو هو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ


انهي ڪري اچو تہ اسين بہ هن جي خواري پاڻ تي کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.


۽ ڪامل بڻجي پنهنجن سڀني فرمانبردارن لاءِ ابدي نجات جو باني ٿيو؛


جڏهن يسوع ڄاتو تہ پيءُ سڀ ڪجهہ منهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي، ۽ آئون آيو بہ خدا وٽان آهيان، ۽ وڃان بہ خدا وٽ ٿو،


۽ رسولن خداوند کي چيو تہ اسان جو ايمان وڌاءِ.


۽ يڪدم ڇوڪري جي پيءُ واڪو ڪري چيو، تہ آئون ايمان آڻيان ٿو؛ تون مون کي بي ايمانيءَ کان بچاءِ.


ڇالاءِ جو جنهن گنهگارن جي طرفان ايتري مخالفت سَٺي، تنهن تي غور ڪريو، تان تہ اوهين بيزار ٿي همت نہ هاريو.


۽ صليب جي وسيلي دشمني دفع ڪري انهن ٻنهي کي هڪڙو جسم ڪري خدا سان ملائي:


سو هو مجلس منجهان هن ڪري خوشيون ڪندا نڪري ويا، تہ انهي نالي جي ڪري اسان کي بي عزت ڪرڻ جو لائق سمجهيو اٿن.


۽ جيڪڏهن آئون زمين کان مٿي چاڙهيو ويندس، تہ سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندس.


خداوند منهنجي واسطي سڀ ڪجهہ پورو ڪندو: اي خداوند، تنهنجو رحم هميشہ قائم آهي: پنهنجي هٿن جي ڪمن کي ڇڏي نہ ڏي.


۽ پڇا ڪيائون تہ ڪهڙي شخص يا زماني ڏانهن، مسيح جو روح جو منجهن هو، اشارو ٿو ڪري تہ مسيح ڏک سهندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.


ڇالاءِ جو هڪڙي ئي قرباني چاڙهڻ سان هن هميشہ لاءِ انهن کي ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جي پاڪ ڪيا ٿا وڃن.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيسين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ ڪِري نہ مري، تيسين ڇڙي جو ڇڙو ٿو رهي، پر جي مري، تہ ججهو ڦل ٿو آڻي.


اوهان جو ابو ابراهيم منهنجي ڏينهن ڏسڻ جي اُميد تي ڏاڍو خوش هو؛ ۽ هن اُهو ڏٺو، ۽ سرهو ٿيو.


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


۽ هيروديس پنهنجن سپاهين سان گڏجي کيس بي آبرو ڪيو، ۽ ساڻس ٺٺوليون ڪري، شاندار ويس پهرائي موٽائي پيلاطس ڏانهن موڪليائينس.


جهڙيءَ طرح ڪ ابن آدم انهي لاءِ ڪونہ آيو تہ سندس خدمت ٿئي، پر انهي لاءِ تہ پاڻ خدمت ڪري، ۽ گهڻن جي بدران پنهنجي جان قربان ڪري.


انهي وقت کان وٺي يسوع پنهنجي شاگردن کي ٻڌائڻ لڳو تہ ضرور آهي تہ آئون يروشلم ۾ وڃان، ۽ بزرگن ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي هٿان گهڻيون سختيون سهان، ۽ ماريو وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي اُٿان.


۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.


انهن تي افسوس آهي جي مدد جي لاءِ مصر ڏانهن ٿا وڃن، ۽ جي گهوڙن تي ۽ گهڻين جنگي گاڏين تي، ۽ زور وارن سوارن تي ڀروسو ٿا رکن؛ پر هو اسرائيل جي قدوس ڏانهن نٿا نهارين، نڪي خداوند کي ٿا ڳولين!


۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،


جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.


(ڇالاءِ تہ شريعت ڪنهن بہ شيءِ کي ڪامل نہ ڪيو،) ۽ انهي جي بدران هڪڙي بهتر اُميد اچي ويئي، جنهن جي وسيلي اسين خدا کي ويجهو ٿا وڃون.


پر ملائڪن مان ڪنهن کي ڪڏهن هن چيو آهي تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجن دشمنن کي تنهنجن پيرن جي صندلي ڪريان؟“


تنهنڪري اسرائيل جو سارو گهراڻو اهو يقين ڪري، تہ خدا انهي يسوع کي، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، خداوند ۽ مسيح بہ ڪيو آهي.


هن چين تہ برابر پهريائين ايلياہ ايندو، ۽ سڀني شين کي موٽي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو: پر ابن آدم بابت ڪيئن لکيل آهي، تہ هو گهڻيون سختيون سهندو ۽ ماڻهو حقير ڪري ليکيندس؟


خداوند منهنجي خداوند کي فرمايو تہ جيسين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان، تيسين منهنجي ساڄي پاسي ويٺو رهہ.


خداوند خدا، جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، اُهو قادر مطلق فرمائي ٿو تہ آئون الفا ۽ اوميگا آهيان.


ٻين جي وري هن طرح آزمائش ٿي، جو مٿن کل ٺٺولي ڪيائون، کين چهبڪ هنيائون، بلڪ ٻيڙيون وجهي قيد ۾ بند ڪيائون:


پهرين تہ طعنن ۽ مصيبتن جي ڪري هڪڙي تماشي جي شيءِ ٿي پيا، ۽ ٻيو تہ جن سان اهڙي هلت ٿي، تن سان شريڪ ٿيا.


سو خداوند يسوع هنن سان ڳالهائڻ کانپوءِ آسمان ۾ چاڙهيو ويو، ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


۽ زندگيءَ جي مالڪ کي ماريوَ، جنهن کي خدا مُئلن مان جياريو. ۽ انهيءَ ڳالهہ جا اسين شاهد آهيون.


ڇالاءِ جو صليب جو پيغام اُنهن لاءِ بيوَقوفي آهي جي برباد پيا ٿين، پر اسين جي نجات حاصل پيا ڪريون، تن جي لاءِ اهو خدا جي قدرت آهي.


پر اسين مسيح مصلوب جي منادي ٿا ڪريون، جو يهودين جي لاءِ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ غير قومن جي لاءِ بيوَقوفي آهي؛


اي منهنجا ڀائرو، اسان جو خداوند يسوع مسيح، جو جلال وارو آهي، تنهن ۾ اوهان جو ايمان اهڙو هجي جو ڪنهن جي بہ پاسخاطري نہ ٿئي.


سو موسيٰ هڪڙو پتل جو نانگ جوڙيو، ۽ انهي کي هڪڙي ڊگهيءَ ڪاٺيءَ تي لٽڪايائين: ۽ هيئن ٿيو، تہ جنهن ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگيو ٿي، تنهن جڏهن پتل جي نانگ ڏانهن ٿي نهاريو، تہ جيئرو ٿي رهيو.


۽ انهيءَ طرح اُها لکيت اچي پوري ٿي تہ ”هو گنهگارن ۾ ليکيو ويو“.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ