Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 10:4 - Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو اهو ناممڪن آهي تہ ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت گناهہ مٽائي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 مطلب تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت پاپن کي مِٽائي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 مطلب تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت گناهن کي مِٽائي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ڇالاءِ⁠جو ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرين جو رت گناھن کي مٽائي ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 10:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو جو تون قربانيءَ مان خوش نٿو ٿين، نہ تہ آءٌ اها پيش ڪريان: سوختني قربانيءَ ۾ بہ توکي خوشي ڪانهي.


ڍڳي جو ذبح ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ وارو؛ گهيٽي جي قرباني ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ڪتي جي سسي وڍڻ وارو؛ نذرانو پيش ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو سوئر جو رت پيش ڪرڻ وارو؛ لوبان ساڙيندڙ اهڙو آهي جهڙو بت کي مبارڪ چوڻ وارو: هائو، انهن پنهنجا رستا پسند ڪيا آهن، ۽ انهن جو روح سندن ڪراهت وارين شين سان راضي ٿو رهي؛


سبا مان لوبان، ۽ پرانهين ملڪ مان اگر، منهنجي خاطر ڪهڙي ڪم جي لاءِ ٿو اچي؟ اوهان جون سوختني قربانيون قبول پوڻ جهڙيون نہ آهن، نڪي اوهان جون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.


تون ڪلام کڻي خداوند وٽ موٽ، ۽ انهي کي چئُہ تہ تنهنجي سڀ بڇڙائي ڪڍي وٺي، ۽ مهرباني ڪري اسان کي قبول ڪري: پوءِ اسين پنهنجي چپن جي قرباني پيش ڪنداسين.


ڇالاءِ جو مون کي رحم پسند آهي، نہ قرباني؛ ۽ خدا جي ڄاڻپ، سوختني قربانين کان وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.


۽ انهي کي ساريءَ دل سان، ۽ ساري سمجهہ سان ۽ ساريءَ طاقت سان پيار ڪرڻ، ۽ پنهنجي پاڙيسري کي پاڻ جهڙو پيار ڪرڻ سڀني سوختني قربانين، ۽ صدقن کان وڌيڪ آهي.


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


۽ جڏهن آئون هنن جا گناهہ ميٽي ڇڏيندس، تڏهن ساڻن منهنجو هي عهد ٿيندو.“


ڇالاءِ جو شريعت انهن اچڻ وارين نعمتن جو عڪس آهي، نہ سندين اصلي صورت، تنهنڪري سال بسال جيڪي ساڳيون قربانيون هميشہ ڪرڻ ۾ ٿيون اچن، تن جي وسيلي ماڻهن کي ڪامل ڪري نٿي سگهي.


۽ سڀڪو ڪاهن تہ روز بروز بيهي عبادت ٿو ڪري، ۽ اُهي ئي ساڳيون قربانيون وري وري پيو چاڙهي، جي ڪڏهن بہ گناهن کي مٽائي نہ ٿيون سگهن:


مٿي چيو اٿس تہ قربانيون ۽ نذرانا ۽ سوختني ۽ گناهہ جون قربانيون تو پسند نہ ڪيون، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين (جي شريعت موجب چاڙهبيون آهن،)


اهو هاڻوڪي زماني جو هڪڙو مثال آهي، جنهن موجب اهڙا نذرانا ۽ اهڙيون قربانيون ڏنيون وينديون آهن، جي عبادت ڪندڙن جي دل کي ڪامل ڪري نہ سگهنديون،


۽ اوهان کي خبر آهي تہ هو جو ظاهر ٿيو هو، سو انهي لاءِ تہ گناهہ کڻي وڃي؛ ۽ منجهس گناهہ اصل ئي ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ