Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حجيءَ 2:3 - Sindhi Bible

3 اوهان مان ڪهڙو بچيو آهي جنهن هن گهر کي سندس اڳين رونق ۾ ڏٺو هو؟ ۽ هاڻي اوهين انهي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ اوهان جي نظر ۾ اُهو ڪين جهڙو آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ’ڇا اوهان منجھہ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جن اصلي هيڪل جو شان وَ شوڪت ڏٺو هجي؟ اوهان انهن کان پڇو تہ کين هاڻوڪي هيڪل ڪيئن ٿي ڏسڻ ۾ اچي؟ ٿي سگھي ٿو تہ انهن جي خيال ۾ اڳئين جي مقابلي ۾ هي هيڪل ڪجھہ بہ نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حجيءَ 2:3
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود چيو تہ، منهنجو پٽ سليمان اڃا ننڍڙو ۽ ڳڀرو آهي، ۽ جيڪو گهر خداوند جي لاءِ ٺاهڻو آهي سو تمام سهڻو ۽ سڀني ملڪن ۾ مشهور ۽ شاندار ٿئي: تنهنڪري آءٌ انهيءَ لاءِ تياري ڪندس. سو دائود پنهنجي وفات کان اڳي گهڻي تياري ڪئي.


۽ هنن واري واري خداوند جي تعريف، ۽ شڪرگذاريءَ جا گيت ڳايا، ۽ چوڻ لڳا تہ هو چڱو آهي، ڇالاءِ جو هن جي رحمت اسرائيل تي هميشہ جٽاءُ ڪرڻ واري آهي، ۽ سڀني ماڻهن خداوند جي تعريف ڪرڻ وقت وڏي سڏ رڙيون ڪيون، ڇالاءِ جو خداوند جي گهر جو بنياد وڌو ويو.


پر گهڻا ئي ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ ابن جي گهراڻن جا رئيس، يعني اُهي پير مرد، جن پنهنجين اکين سان اڳئين گهر جو بنياد پوندو ڏٺو هو، سي وڏي آواز سان روئڻ لڳا:


تنهنجا پاڪ شهر بيابان ٿي ويا آهن، صيون بيابان ٿيو آهي، ۽ يروشلم ويران آهي.


باقي هن جي زيور جي سونهن، سا هنن وڏائي لاءِ رکي: ۽ هن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين، ۽ نفرت جهڙين شين جون مورتون انهي مان جوڙيون: تنهنڪري مون انهن کي سندن لاءِ ناپاڪ ڪيو.


هن گهر جي پوئين رونق پهرين کان وڌيڪ ٿيندي: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هتي آءٌ صلح سلامتي بخشيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ