Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حجيءَ 1:9 - Sindhi Bible

9 اوهان گهڻي جي اُميد رکي، پر ڏسو ٿورو ٿي پيو؛ ۽ جڏهن اهو اوهين پنهنجو حاصل گهر کڻي آيا، تڏهن مون ڦوڪ ڏيئي اُهو اُڏائي ڇڏيو. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ جو منهنجو گهر ويران پيو آهي ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر ڊوڙندو ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حجيءَ 1:9
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ڪو وقت آهي ڇا تہ اوهين پاڻ پنهنجين ڇتين پيل گهرن ۾ رهو، ۽ هي گهر ويران پيو هجي؟


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جي اوهين نہ ٻُڌندا، ۽ منهنجي نالي جي تعظيم پنهنجين اکين آڏو نہ رکندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت آڻيندس، ۽ اوهان جي نعمتن تي لعنت وجهندس: بلڪ مون انهن تي اڳيئي لعنت وڌي آهي، ڇالاءِ جو اوهان انهي ڳالهہ کي پنهنجين اکين آڏو نہ رکيو آهي.


اوهان گهڻو ئي پوکيو پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو؛ اوهين کائو ٿا پر ڍءُ ڪين ٿو ٿئي: اوهين پيئو ٿا، پر آسودا نٿا ٿيو، اوهين ڪپڙا ڍڪيو ٿا، پر اوهان مان ڪوبہ گرم نٿو رهي؛ ۽ جيڪو مزوري ڪمائي ٿو، سو انهيءَ لاءِ ڪمائي ٿو تہ ٽُنگن واري ڳوٿريءَ ۾ وجهي.


گاهہ سڪي وڃي ٿو، ۽ گل ڪومائجي ٿو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو واءُ انهي کي لڳي ٿو: يقيناً اُمت گاهہ وانگر آهي.


پر تنهنجي برخلاف مون کي ايترو چوڻو آهي، تہ تو پنهنجو پهريون پيار ڇڏي ڏنو آهي.


آءٌ خدا کي چوندس تہ مون کي ڏوهاري نہ ٺهراءِ؛ مون کي ڏيکار تہ ڇالاءِ تون مون سان وڙهين ٿو؟


ڏس، آءٌ هن ۾ هڪڙو روح وجهندس، ۽ هو هڪڙو افواهہ ٻڌندو ۽ موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن ويندو؛ ۽ آءٌ هن کي خود سندس ملڪ ۾ ترار سان ڪيرائيندس.


تنهن کان پوءِ خداوند جي ڌمڪيءَ سان، سندس ڪاوڙ مان ڪڍيل ڦوڪ ڪري سمنڊ جون کاريون ظاهر ٿيون، ۽ دنيا جا بنياد کُلي پيا.


۽ دائود جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو؛ ۽ دائود خداوند جي حضور ۾ دعا گهري. ۽ خداوند فرمايو تہ سائول جي سبب، ۽ سندس خوني گهراڻي جي سبب اهو حال ٿيو آهي، جو هن جبعونين کي قتل ڪيو.


قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ماڻهوءَ جون اکيون بہ ڪڏهن ڍاول نہ رهنديون.


سڀ شيون ماندائيءَ سان ڀريل آهن؛ ماڻهو اهو ظاهر ڪري نٿو سگهي: اک ڏسڻ سان ڍاول نہ آهي، ۽ ڪن ٻُڌڻ سان ڍاول نہ آهي.


۽ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس؛ آءٌ پنهنجي غضب جي باهہ توتي ڦوڪي وجهندس: ۽ آءٌ توکي جهنگلي ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي ماري چٽ ڪرڻ ۾ هوشيار آهن.


۽ پنجين ورهيہ اوهين ڀلي اُنهي جو ميوو کائجو تہ اوهان جي لاءِ انهن جو ڦل وڌيڪ ٿئي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


تون گهڻو ٻج ٻنيءَ ۾ کڻي ويندين، پر ٿورو فصل گڏ ڪندين؛ ڇالاءِ جو مڪڙ اهو کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.


ڪو اهڙو آهي جو گهڻو خرچي ٿو تہ بہ وڃي ترقي ڪندو؛ ۽ ڪو اهڙو آهي جو مناسب حد کان وڌيڪ ڪنجوسائي ڪري ٿو تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو.


ڇالاءِ جو ڊاک جي منهہ جي ڏهن ايڪڙن مان هڪڙو بٿ پيدا ٿيندو ۽ ٻج جو هڪ هومر هڪڙو ايفہ مس پيدا ڪندو.


هنن ڪڻڪ پوکي آهي پر ڪنڊا لڻيا اٿن: هنن سور سٺا آهن پر حاصل ڪجهہ بہ نہ ڪيو اٿن: ۽ اوهين خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ جي سبب پنهنجي حاصلات کان شرمندا ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ