3 تڏهن خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ
3 سو تون ماڻهن کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ
هاڻي حجي نبي، ۽ زڪرياہ بن عدو، جيڪي يهودي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ هئا، تن جي اڳيان نبوت ڪئي؛ اسرائيل جي خدا جي نالي تي هنن نبوت ڪئي.
دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ جي معرفت، يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ ڪاهنن جي سردار يشوع بن يهوصدق تي نازل ٿيو،
تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هيءَ قوم چوي ٿي تہ اسان جي اچڻ جو اڃا اهو وقت نہ آهي، يعني خداوند جي گهر جي جڙڻ جو وقت.
اهو ڪو وقت آهي ڇا تہ اوهين پاڻ پنهنجين ڇتين پيل گهرن ۾ رهو، ۽ هي گهر ويران پيو هجي؟
دارا جي ٻئي سال جي اٺين مهيني ۾ خداوند جو ڪلام زڪرياہ بن برڪياہ بن عدو نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ