Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حجيءَ 1:2 - Sindhi Bible

2 تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هيءَ قوم چوي ٿي تہ اسان جي اچڻ جو اڃا اهو وقت نہ آهي، يعني خداوند جي گهر جي جڙڻ جو وقت.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 قادرِمطلق خداوند حجيءَ کي فرمايو تہ ”هيءَ قوم صحيح نہ ٿي چوي تہ اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت جو وقت نہ آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حجيءَ 1:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ يهوآس، يهويدع ڪاهن، ۽ ٻين ڪاهنن کي سڏائي چيو تہ اوهين گهر جي مرمت ڇو نٿا ڪرايو؟ تنهنڪري هاڻي اڳتي پنهنجي واقفيت وارن کان پئسا نہ وٺو، پر اُهي گهر جي مرمت لاءِ پهچائي ڏيو.


۽ پوءِ جڏهن ارتخششتا بادشاهہ جي خط جو نقل رحوم، ۽ شمسيءَ ڪاتب، ۽ انهن جي سنگتين جي اڳيان پڙهيو ويو، تڏهن هو تڪڙا ٿي يروشلم ۾ يهودين وٽ ويا، ۽ زور زبردستيءَ سان انهن کان ڪم بند ڪرايائون.


۽ يهوداہ چيو تہ بار کڻڻ وارن جو زور گهٽجي ويو آهي، ۽ گهڻو ڪچرو گڏ ٿي ويو آهي، جنهنڪري اسين ڀت جوڙي نٿا سگهون.


سست ماڻهو چوي ٿو تہ ٻاهر شينهن آهي؛ آءٌ گهٽين ۾ مارجي ويندس.


ماڻهوءَ جو ڊپ هڪڙو ڦانڌو آڻي ٿو، پر جيڪو پنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿو رکي سو سلامت رهندو.


جيڪو واءُ لاءِ ويٺو نهاريندو اُهو ٻج نہ پوکيندو؛ ۽ جيڪو ڪڪرن ڏانهن ڌيان ڏيندو سو لڻندو ڪين.


مارڻ جي لاءِ وقت، ۽ ڇُٽائڻ جي لاءِ وقت؛ ڊاهڻ جي لاءِ وقت، ۽ اڏڻ جي لاءِ وقت؛


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ جي معرفت، يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ ڪاهنن جي سردار يشوع بن يهوصدق تي نازل ٿيو،


تڏهن خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ


پر جيڪي ماڻهو هن سان گڏ ويا هئا، تن چيو تہ اسين انهن ماڻهن تي حملي ڪرڻ لاءِ وڃي نٿا سگهون، ڇو تہ اهي اسان کان وڌيڪ زور وارا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ