Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حبقوق 3:3 - Sindhi Bible

3 خداوند تيمان مان آيو، ۽ پاڪ خدا فاران جي جبل تان. هن جي جلال آسمانن کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ زمين هن جي تعريف سان معمور هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 خدا ادوم ملڪ جي پاسي کان اچي ٿو، اها پاڪ هستي فاران جبلن تان اچي ٿي. هن جو جلوو آسمانن کي ڍڪي ٿو ۽ ڌرتي هن جي واکاڻ سان ڀرجي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حبقوق 3:3
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن چيو تہ، خداوند سينا مان آيو ۽ شعير مان انهن تي ظاهر ٿيو؛ هو فاران جبل مان چمڪيو ۽ لکن پاڪ ماڻهن منجهان آيو: هن جي ساڄي هٿ ۾ انهن جي لاءِ باهہ جهڙي شريعت هئي.


اي تيمان، تنهنجا بهادر مرد حيران پريشان ٿيندا، انهي لاءِ تہ سڀڪو ماڻهو عيسوءَ جي جبل مان قتل ڪيو وڃي.


پر آءٌ تيمان تي باهہ موڪليندس ۽ اُها بصرا جا محلات ساڙي ڇڏيندي.


ڊڄندا رهو، ۽ گناهہ نہ ڪريو؛ پنهنجي هنڌ تي ليٽي دل ۾ هنڊايو، ۽ ماٺ ۾ رهو.


ادوم بابت: لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ: تيمان ۾ ڏاهپ ڪانہ رهي آهي ڇا؟ سياڻن منجهان صلاح مصلحت نڪري ويئي آهي ڇا؟ انهن جي ڏاهپ گم ٿي ويئي آهي ڇا؟


۽ هڪڙي ٻئي کي سڏي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، قدوس، قدوس، قدوس، آهي: ساري زمين هن جي جلال سان ڀرپور آهي.


خدا جا رٿ ويهہ هزار آهن، بلڪ هزارن جا هزار: ۽ جيئن خداوند سينا جبل تي پاڪ مڪان ۾ آهي، تيئن انهن ۾ آهي.


۽ اوهان چيو، تہ ڏس، خداوند اسان جي خدا پنهنجو جلال ۽ پنهنجي عظمت ڏيکاري آهي، ۽ اسان هن جو آواز باهہ جي وچ مان ٻڌو آهي: اڄ اسان ڏٺو آهي، تہ خدا ماڻهوءَ سان ڳالهائي ٿو، تہ بہ ماڻهو جيئرو ٿو رهي.


۽ هو فاران جي رڻ پٽ ۾ رهڻ لڳو ۽ سندس ماءُ هن جي لاءِ مصر جي ملڪ مان زال آندي.


جڏهن تو اهڙا خوفناڪ ڪم ڪيا جن جي اسان کي اميد ڪانہ هئي، يعني تون هيٺ لهي آئين تڏهن تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبڻ لڳا.


اي خداوند جهڙو تنهنجو نالو آهي، تهڙي ئي تنهنجي تعريف زمين جي ڇيڙي تائين پيئي ٿئي: تنهنجو ساڄو هٿ سچائيءَ سان ڀرپور آهي.


اي خداوند، انهن کي ڊپ ۾ وجهہ: تہ قومون پاڻ کي انسان سمجهن.


خداوند پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، هن انصاف ڪيو آهي، بڇڙو پنهنجي ئي هٿن جي ڪم ۾ ڦاٿل آهي.


مون خداوند کي پڪاريو، ۽ هن پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي جواب ڏنو.


گهڻيئي منهنجيءَ جان جي بابت چون ٿا تہ هن کي خدا وٽان مدد ڪانہ ملندي.


۽ سموئيل وفات ڪئي، ۽ سڀ اسرائيلي اچي گڏ ٿيا، ۽ هن لاءِ ماتم ڪرڻ لڳا، ۽ هن کي رامہ ۾ سندس گهر ۾ دفن ڪيائون. ۽ دائود اُٿيو ۽ فاران جي بيابان ڏي ويو.


۽ بني اسرائيل سينا جي بيابان مان ڪوچ ڪري پنهنجي سفر تي نڪتا؛ ۽ ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.


پوءِ جڏهن سڀني ماڻهن گجگوڙ، بجلي، تريءَ جو آواز، ۽ جبل جو دونهون ڏٺو، تڏهن ڏڪي ويا؛ ۽ پري وڃي بيٺا.


۽ اليفز جا پٽ: تيمان، اومر، صفو، جعتام ۽ قنز.


خداوند سڀني قومن تي بلند آهي، ۽ سندس جلال آسمانن تي بہ عظيم آهي.


ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي تعريف ڪن؛ ڇالاءِ جو فقط هن جو ئي نالو سرفراز آهي: هن جو جلال آسمان ۽ زمين کان بہ مٿي عظيم آهي.


انهن تي افسوس آهي جي مدد جي لاءِ مصر ڏانهن ٿا وڃن، ۽ جي گهوڙن تي ۽ گهڻين جنگي گاڏين تي، ۽ زور وارن سوارن تي ڀروسو ٿا رکن؛ پر هو اسرائيل جي قدوس ڏانهن نٿا نهارين، نڪي خداوند کي ٿا ڳولين!


۽ هو مديان مان نڪتا، ۽ فاران ۾ آيا: ۽ فاران مان ماڻهو وٺي مصر ۾، مصر جي بادشاهہ فرعون وٽ آيا؛ جنهن هن کي هڪڙو گهر ڏنو ۽ کاڌو مقرر ڪري ڏنائينس، ۽ زمين بہ ڏنائينس.


۽ ڏسو، اسرائيل جي خدا جو جلال اُڀرندي پاسي کان آيو: ۽ هن جو آواز گهڻين پاڻين جي آواز جهڙو هو: ۽ زمين هن جي جلال سان چمڪڻ لڳي.


ڇالاءِ جو زمين خداوند جي جلال جي ڄاڻپ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن پاڻي سمنڊ کي ڍڪي ٿو ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ