Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 9:4 - Sindhi Bible

4 پر گوشت کي رت سوڌو نہ کائجو، ڇو تہ اهو هن جي جان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پر هڪ شيءِ جيڪا اوهان کي کائڻي ناهي، سا آهي رت سوڌو گوشت، ڇاڪاڻ تہ رت جان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 9:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري تون هنن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رت سميت کائو ٿا، ۽ پنهنجون اکيون پنهنجن بُتن ڏانهن کڻو ٿا، ۽ خونريزي ڪريو ٿا، پوءِ بہ اوهين انهي زمين جا مالڪ ٿيندا ڇا؟


اوهين ڪابہ شيءِ رت سان گڏيل نہ کائجو: نڪي جادوگري ڪجو. نڪي سوڻ ساٺ ڪجو.


۽ اهو اوهان جي رهڻ جي سڀني جاين ۾، ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو، تہ اوهين چرٻي ۽ رت هرگز نہ کائو.


اوهين پنهنجن گهرن ۾ ڪنهن بہ قسم جو رت نہ کائجو، پوءِ اهو پکي جو هجي، توڙي جانور جو هجي.


پر کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بُتن تي چاڙهي ناپاڪ ڪيون اٿن، ۽ زنا، ۽ جن جانورن کي گهوگهو ڏيئي ماريو اٿن، تن سڀني کان، ۽ رت کان پاسو ڪن.


سو اسان پاڻ ۾ هم صلاح ٿي مناسب ڄاتو تہ ڪي ماڻهو چونڊي، پنهنجن پيارن برناباس ۽ پولس سان گڏ اوهان ڏانهن موڪليون؛


تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيندا آهن، ۽ رت، ۽ جيڪي جانور گهٽي ماريندا آهن، ۽ زنا، تن سڀني کان پاسو ڪريو؛ ۽ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي انهن کان پاسي رکندا تہ اوهان جي لاءِ ڀلو ٿيندو. شال سلامت رهو.


رڳو اوهين رت نہ کائجو؛ اهو تون زمين تي پاڻيءَ وانگي هاري ڇڏج.


رڳو ايتري خبرداري ڪج جو رت نہ کائج: ڇالاءِ جو رت حياتي آهي؛ ۽ تون گوشت سان گڏ حياتيءَ کي نہ کائج.


جيڪو جانور پاڻيهي مري سو اوهين نہ کائجو: جيڪو پرديسي تنهنجو شهر ۾ هجي تنهن کي تون اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿو سگهين، يا اهو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي وڪڻي ٿو سگهين: ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهين. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.


رڳو انهي جو رت نہ کائج، اهو تون زمين تي پاڻي وانگر هاري ڇڏج.


ڇالاءِ تہ سڀڪا شيءِ جا خدا خلقي آهي، سا چڱي آهي، ۽ رد ڪرڻ نہ گهرجي؛ بشرطيڪ اُها شڪرگذاريءَ سان قبول ڪئي وڃي:


۽ ماڻهو لٽ جي مال تي ڪاهي اچي پيا، ۽ رڍون، ۽ ڏاند، ۽ گابا هٿ ڪيائون، ۽ اُهي زمين تي ذبح ڪيائون: ۽ ماڻهن اُهي رت سميت کاڌا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ