Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 9:3 - Sindhi Bible

3 زمين تي هلندڙ سڀ ساهوارا اوهان جي خوراڪ لاءِ ٿيندا، اهي مون نباتات وانگر اوهان کي ڏنا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اوهين اهي سڀ ساهوارا ڀاڄيءَ وانگر کائي سگھو ٿا. مون اهي سڀ اوهان کي کائڻ لاءِ ڏنا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 9:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جو ڊپ ۽ اوهان جو خوف زمين جي سڀ ڪنهن جانور تي، هوا جي سڀ ڪنهن پکيءَ تي، ۽ جيڪي بہ زمين تي هلن ٿا، ۽ سمنڊ جي سڀني مڇين تي رهندو، اهي سڀئي مون اوهان جي تابع ڪيا آهن.


جيڪو جانور پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، سو کائي هو پاڻ کي پليت نہ ڪري: آءٌ خداوند آهيان.


آئون ڄاڻان ٿو، ۽ خداوند يسوع ۾ مون کي يقين آهي، تہ ڪابہ شيءِ پاڻوهي ناپاڪ نہ آهي: سواءِ هن جي تہ جيڪو ڪنهن شيءِ کي ناپاڪ سمجهي ٿو، تنهن جي لاءِ اُها ناپاڪ آهي.


ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت کائڻ پيئڻ تي منحصر نہ آهي، پر راستبازي، ۽ ميل ميلاپ، ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻَڌل آهي جا پاڪ روح جي طرفان آهي.


کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي نقصان نہ رسايو. سڀ شيون بيشڪ پاڪ آهن: پر انهي ماڻهوءَ جي لاءِ اها شيءِ خراب آهي جنهن جي کائڻ ڪري هو گمراهہ ٿو ٿئي.


جيڪو کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي حقير نہ سمجهي، ۽ جيڪو نٿو کائي سو کائڻ واري تي الزام نہ لڳائي: ڇالاءِ جو خدا هن کي قبول ڪيو آهي.


سڀ شيون روا آهن، پر سڀ شيون فائدي واريون نہ آهن. سڀ شيون روا آهن، پر سڀني شين مان سڌارو نٿو ٿئي.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو.


پر تون پنهنجن دروازن جي اندر پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب، ۽ خداوند جي ڏنل برڪت موجب، جانور ڪهي گوشت کائي ٿو سگهين، جيئن تہ هرڻ يا هرڻي، پاڪ يا ناپاڪ ماڻهو انهي مان کائي ٿو سگهي.


تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو کاڌي پيتي بابت، يا ڪنهن عيد يا نئين چنڊ يا سبت جي نسبت ۾ اوهان تي الزام نہ آڻي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ