9 ٻہ ٻہ نر ۽ ماديون نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ اچي رهيا، جيئن خداوند نوح کي فرمايو هو.
9 نوح سان گڏ ٻيڙي ۾ اچي چڙهيو، جيئن خدا فرمايو هو.
۽ خداوند خدا ميدان جا سڀئي جانور ۽ هوا جا سڀ پکي، مٽيءَ مان جوڙيا ۽ کين آدم وٽ آندائين تہ ڏسي تہ هو انهن جا ڪهڙا نالا ٿو رکي. ۽ آدم جنهن جانور کي جيڪي سڏيو، سو ئي هن جو نالو ٿيو.
سو نوح ائين ئي ڪيو، ۽ جيڪو بہ حڪم خدا ڏنو هوس، سو بجاءِ آندائين.
۽ ستن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو پاڻيءَ جو طوفان زمين تي آيو.
۽ سڀني ساهوارن مان جوڙو جوڙو نوح وٽ ٻيڙيءَ ۾ آيو.
۽ جيڪي بہ ساهوارا اندر آيا سي خدا جي حڪم موجب نر ۽ مادي هئا، پوءِ خداوند انهيءَ کي ٻاهران بند ڪري ڇڏيو.
۽ پاڪ جانورن مان، ۽ جيڪي جانور پاڪ نہ آهن تن مان، ۽ پکين مان، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن مان؛
خداوند فرمائي ٿو، تہ بگهڙ ۽ گهيٽو گڏ چرندا، ۽ شينهن ڍڳي وانگي گاهہ کائيندو: ۽ مٽي نانگ جو کاڌو ٿيندي. منهنجي سڄي پاڪ جبل ۾ اهي نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا نہ برباد ڪندا.
هائو، لقلق پکي پنهنجو مقرر ڪيل وقت ڄاڻي ٿو؛ ۽ قمري ۽ ابابيل ۽ ڪنگ پنهنجي وقت تي اچن ٿا؛ پر منهنجي قوم خداوند جي عدالت نٿي ڄاڻي.
پوءِ نڪو يهودي رهيو نہ يوناني، نڪو غلام نہ آزاد، نڪو مرد نہ زال، ڇالاءِ جو اوهين سڀ مسيح يسوع ۾ هڪ آهيو.
جتي نڪو يوناني آهي نہ يهودي، نڪو مختون آهي نڪو نامختون، نہ جهنگلي آهي نہ وحشي، نہ غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح سڀ ڪجهہ آهي ۽ سڀني ۾ آهي.