Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 6:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن خدا جي پٽن ماڻهن جي ڌيئرن کي ڏٺو تہ اهي سهڻيون آهن، ۽ انهن مان جنهن کي جيڪا وڻي، سا هن پنهنجي زال ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن آسماني مخلوق ڏٺو تہ ماڻهن جون ڇوڪريون سهڻيون آهن. سو انهن مان جيڪا جنهن کي وڻي سا هن پنهنجي زال ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 6:2
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو مصر ۾ داخل ٿيڻ تي هو، تڏهن هن پنهنجي زال ساريءَ کي چيو تہ ڏس، تون ڏسڻ ۾ سهڻي آهين.


۽ خداوند، جو آسمان ۽ زمين جو خدا آهي، تنهن جو آءٌ تو کي قسم ٿو ڏيان، تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو، تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائج.


۽ انهن اسحاق ۽ ربقہ کي ڏاڍو ڏک ڏنو.


تڏهن ربقہ اسحاق کي چيو تہ آءٌ حت جي ڌيئرن ڪري پنهنجيءَ حياتيءَ مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان: جيڪڏهن يعقوب هن ملڪ جي ڇوڪرين منجهان حت جي ههڙين ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ شادي ڪئي، تہ پوءِ منهنجي جيئڻ مان ڪهڙو فائدو؟


جڏهن زال ڏٺو تہ هن وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ چڱو، ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ سمجهہ ڏيڻ لاءِ سٺو آهي، تڏهن اهو ميوو ڇني پاڻ بہ کاڌائين، ۽ پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين، ۽ هن بہ کاڌو.


۽ سيت جي گهر بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو اُنوس رکيائين: انهي وقت کان وٺي ماڻهو خداوند جي نالي دعا گهرڻ لڳا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن زمين تي ماڻهو وڌڻ لڳا، ۽ انهن مان ڌيون پيدا ٿيون،


تڏهن خداوند چيو تہ منهنجو روح انسان ۾ هميشہ ڪين رهندو، ڇو تہ هو بشر آهي؛ تڏهن بہ هن جي عمر هڪ سؤ ويهہ ورهيہ ٿيندي.


۽ شام جي وقت هيئن ٿيو تہ دائود پنهنجي هنڌ تان اُٿيو، ۽ بادشاهي محلات جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو: ۽ ڇت تان هڪڙي زال کي وهنجندي ڏٺائين؛ ۽ اها زال ڏاڍي خوبصورت هئي.


تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي نہ ڏجو، نڪي پنهنجن پٽن لاءِ هنن جون ڌيئرون وٺجو، ۽ نہ ڪڏهن هنن جي سلامتي ۽ هنن جو سک ڳولجو: تہ اوهين مضبوط ٿيو، ۽ انهيءَ زمين جي چڱي پيدائش کائو، ۽ پنهنجي اولاد لاءِ هميشہ واسطي ورثو ڪري اُها ڇڏي وڃو.


هاڻي هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا جا پٽ خداوند جي اڳيان حاضري ڏيڻ آيا، تڏهن شيطان بہ ساڻن گڏجي آيو.


مون پنهنجن اکين سان عهد اقرار ڪيو؛ تڏهن ڪيئن آءٌ ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ ڏي نهاريان؟


۽ تون انهن جي ڌيئرن مان ڪي پنهنجن پٽن لاءِ وٺين، ۽ انهن جون ڌيون پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي زناڪاري ڪن، ۽ تنهنجن پٽن کي بہ پنهنجن معبودن جي پيروي ڪرائي زناڪار ٺهرائين.


تون اسان جو پيءُ آهين، جيتوڻيڪ ابرهام اسان کي نٿو سڃاڻي، ۽ اسرائيل اسان کي قبول نٿو ڪري: تون اي خداوند اسان جو پيءُ آهين؛ ازل کان تنهنجو نالو آهي اسان جو ڇڏائيندڙ.


يهوداہ دغا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل ۽ يروشلم ۾ بيهودگي آهي؛ ڇالاءِ جو يهوداہ، خداوند جي پاڪيزگي، جا هن کي پياري آهي، تنهن جي بي ادبي ڪئي آهي، جو هڪڙي غير معبود جي ڌيءَ سان شادي ڪئي اٿس.


ڇا هن هڪڙي ئي زال پيدا نہ ڪئي، جيتوڻيڪ هن وٽ روح بچيل هو؟ پوءِ ڇو هڪڙي ئي پيدا ڪيائين؟ ڇالاءِ جو هن ديندار نسل ٿي چاهيو. انهي ڪري پنهنجي نفس کان خبردار رهو، ۽ ڪوبہ پنهنجي جوانيءَ جي زال سان بي وفائي نہ ڪري.


زال ايتري عرصي تائين مڙس سان ٻَڌل آهي، جيستائين هو جيئرو آهي پر جڏهن مڙس مري ٿو وڃي، تڏهن آزاد ٿي ٿئي، پوءِ جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، پر رڳو خداوند ۾.


۽ آئون اوهان جو پيءُ ٿيندس، ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادر مطلق ائين ٿو فرمائي.“


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو: اوهين مئلن جي لاءِ پنهنجي بت تي وڍ نہ وجهجو، نڪي پنهنجي پنبڻين جي وچ جا وار ڪوڙائجو.


انهن جي اکين مان زنا پيو بَکي، ۽ گناهہ ڪرڻ کان بس نٿا ڪن؛ ۽ جيڪي غير مستقل مزاج آهن، تن کي ڦاسايو وٺن؛ انهن جي دل لالچ ۾ ڏاڍي چالاڪ آهي؛ ۽ اُهي لعنت جا ٻار آهن.


ڇالاءِ جو جيڪي بہ دنيا ۾ آهي، يعني جسماني خواهش، ۽ اکين جي خواهش، ۽ حياتيءَ جي مغروري، سا پيءُ جي طرفان نہ آهي، پر دنيا جي طرفان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ