Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 5:4 - Sindhi Bible

4 ۽ سيت جي ڄمڻ کان پوءِ آدم اٺ سؤ سال جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ کان پوءِ آدم اٺ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس وڌيڪ پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 5:4
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا انهن کي برڪت ڏيئي چيو، تہ وڌو ۽ ويجهو، ۽ زمين کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو؛ ۽ سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪومت هلايو.


جڏهن ارفڪسد پنجٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان سلحہ پيدا ٿيو:


۽ قينان جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ اُنوس اٺ سؤ پندرهن سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:


۽ محلل ايل جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ قينان اٺ سؤ چاليهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:


۽ حنوڪ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ يارد اٺ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:


۽ متوسلحہ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ حنوڪ ٽي سؤ سال خدا ساڻ پئي هليو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:


۽ لمڪ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ متوسلحہ ست سؤ ٻياسي سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:


۽ جڏهن آدم هڪ سؤ ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن کيس سندس صورت تي ۽ سندس جهڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيت رکيائين.


۽ نوح جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ لمڪ پنج سؤ پنجانوي سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:


۽ آدم جي سموري عمر نو سؤ ٽيهہ ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.


۽ اُنوس جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سيت اٺ سؤ ست سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون:


۽ خدا نوح ۽ سندس پٽن کي برڪت ڏيئي چيو تہ وڌو ۽ ويجهو ۽ زمين کي ڀرپور ڪريو.


اوهين وڌو ۽ ويجهو: زمين تي گهڻو اولاد پيدا ڪريو ۽ وڌندا وڃو.


ڏسو اولاد خداوند وٽان ورثو آهي: ۽ پيٽ جو ڦر هنجي طرفان انعام آهي.


جڏهن اسان جا پٽ جوانيءَ ۾ قداور وڻن جهڙا ٿين؛ ۽ اسان جون ڌيئرون محلات جي ڪنڊن جي گهڙيل پٿرن جهڙيون ٿين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ