Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 48:9 - Sindhi Bible

9 ۽ يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو تہ هي منهنجا پٽ آهن، جي خدا مون کي هتي ڏنا آهن. تڏهن هن چيو تہ انهن کي مون وٽ وٺي اچ تہ کين برڪت ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 يوسف ورندي ڏنس تہ ”هي منهنجا پٽ آهن، جيڪي خدا مون کي هتي مصر ۾ ڏنا آهن.“ يعقوب چيس تہ ”انهن کي مون وٽ وٺي اچ تہ کين خير جي دعا ڏيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 48:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ منهنجي واسطي لذيذ طعام، جهڙو مون کي وڻندو آهي، تهڙو تيار ڪري مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ اهو کاوان؛ ۽ مرڻ کان اڳي توکي برڪت ڏيان.


تڏهن يعقوب راخل تي تمام گهڻو غصي ٿيو، ۽ چيائينس تہ آءٌ ڪو خدا آهيان جنهن توکي پيٽ جي ڦل کان وانجهي رکيو آهي؟


پوءِ هن پنهنجيون اکيون مٿي کنيون ۽ زالن ۽ ٻارن کي ڏٺائين، ۽ چيائين تہ هي توسان ڪير آهن؟ تڏهن هن چيو تہ اهي ٻار آهن، جي خدا پنهنجي فضل سان تنهنجي ٻانهي کي ڏنا آهن.


اهي سڀ اسرائيل جا ٻارهن قبيلا آهن، ۽ سندن پيءُ جيڪي کين ٻڌايو ۽ جيڪي برڪتون ڏنائين سي اُهي ئي آهن؛ هر ڪنهن کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ برڪت موجب برڪت ڏنائين.


بادشاهہ جي غيب دان هيمان، جو خداوند جي ڪلام لاءِ هو، تنهن جا اهي سڀ پٽ هئا، جي ناد وڄائيندا هئا. ۽ خداوند هيمان کي چوڏهن پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ڏنيون.


ڏسو اولاد خداوند وٽان ورثو آهي: ۽ پيٽ جو ڦر هنجي طرفان انعام آهي.


ڏس، آءٌ ۽ جيڪي ٻار خداوند مون کي ڏنا آهن، سي اسرائيل ۾ لشڪرن جي خداوند جا، جو صيون جبل تي ٿو رهي، نشان ۽ معجزا آهيون.


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳي بني اسرائيل کي جيڪا برڪت ڏني سا هيءَ آهي.


ايمان ئي جي ڪري يعقوب مرڻ وقت يوسف جي ٻنهي پٽن کي برڪت ڏني، ۽ پنهنجي لٺ تي ٽيڪ ڏيئي سجدو ڪيائين.


۽ هيئن ٿيو تہ پوري وقت تي حنہ پيٽ سان ٿي، ۽ پٽ ڄڻيائين؛ ۽ هن انهي جو نالو سموئيل رکيو، ڇالاءِ جو چيائين تہ مون هن کي خداوند کان گهري ورتو آهي.


اُها دعا هن ٻار جي لاءِ ٿي گهريم: ۽ خداوند کان جيڪا مراد مون گهري، سا هن پوري ڪئي آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ