Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 48:4 - Sindhi Bible

4 ۽ مون کي چيائين تہ ڏس، آءٌ توکي ڦلدار ڪندس ۽ توکي وڌائيندس، ۽ تو مان گهڻيون ئي قومون پيدا ڪندس، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 مون کي چيو هئائين تہ ’آءٌ تو کي گھڻو اولاد ڏيندس، ايترو جو تنهنجو اولاد گھڻيون ئي قومون ٿي پوندو. آءٌ تو کان پوءِ هيءَ زمين تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيئي ڇڏيندس.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 48:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.


سڀ ڪو مرد جو تنهنجي گهر ۾ ڄاول هجي، يا پئسن تي خريد ڪيل هجي، تنهن جو ختنو ڪيو وڃي: منهنجو عهد اوهان جي جسم ۾ ابدي عهد ٿيندو.


آءٌ توکي گهڻي اولاد وارو ڪندس، تو مان قومون پيدا ڪندس، ۽ تنهنجي اولاد مان بادشاهہ نڪرندا.


آءٌ توکي، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين، يعني ڪنعان جو سارو ملڪ، جنهن ۾ تون پرديسي آهين، سو هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن جو خدا ٿيندس.


آءٌ توکي برڪت تي برڪت ڏيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي وڌائيندي وڌائيندي ايترو ڪندس، جيترا آسمان جا تارا آهن، ۽ جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري آهي؛ ۽ تنهنجو اولاد پنهنجن دشمنن جي دروازي تي قبضو ڪندو.


آءٌ تنهنجو اولاد آسمان جي تارن وانگر وڌائيندس ۽ هي سڀ ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ تنهنجي نسل مان زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛


شل خدا، قادر مطلق توکي برڪت ڏئي، ۽ توکي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي، ۽ تو مان گهڻيون قومون پيدا ٿين.


تو چيو تہ آءٌ ضرور توسان ڀلائي ڪندس، ۽ تنهنجو اولاد وڌائي سمنڊ جي واريءَ جيترو ڪندس، جنهن کي ڳڻي نٿو سگهجي.


۽ خدا چيس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان: تون ڦلدار ٿيءُ ۽ وڌ، تو مان هڪڙي قوم بلڪ گهڻيون قومون پيدا ٿينديون، ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا.


تڏهن هن چيو تہ آءٌ خدا آهيان، تنهنجي پيءُ جو خدا: تون مصر ۾ وڃڻ کان نہ ڊڄ؛ آءٌ اتي تو منجهان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.


۽ اسرائيل مصر جي ملڪ ۾ جشن جي علائقي ۾ رهي پيو؛ ۽ اتي مال ملڪيت گڏ ڪيائون، ۽ وڌندا ويجهندا ويا.


ڏسو اولاد خداوند وٽان ورثو آهي: ۽ پيٽ جو ڦر هنجي طرفان انعام آهي.


سو هنن کين پيڙڻ لاءِ مٿن مقدم مقرر ڪيا تہ انهن کي بيگر ۾ وهائين؛ ۽ انهن فرعون جي لاءِ انبار جا شهر، پتوم ۽ رعمسيس اڏايا.


پر اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو، ۽ گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ نهايت طاقت وارو ٿيو؛ ۽ اهو ملڪ ساڻن ڀرجي ويو.


۽ جيڪا زمين مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا رهندا هئا، تنهن ۾ هو رهندا؛ ۽ انهي ۾ هو ۽ سندن اولاد، ۽ سندن اولاد جو اولاد هميشہ لاءِ رهندو: ۽ منهنجو ٻانهو دائود هميشہ لاءِ هنن جو بادشاهہ ٿيندو.


۽ آءٌ اوهان تي مهر جي نظر ڪندس، ۽ اوهان کي ڦلدار ڪندس، ۽ اوهان کي وڌائيندس؛ ۽ اوهان سان پنهنجو عهد قائم ڪندس.


جڏهن خدا تعاليٰ قومن کي سندن ورثو ڏنو، جڏهن هن بني آدم کي ڌار ڌار ڪيو، تڏهن هن بني اسرائيل جي شمار موجب قومن جون حدون مقرر ڪيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ